اسلام آباد – 28 سيپٽمبر (ا?? پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ماضي ۾ بدعنواني ۽ غلط فيصلن ملڪي معيشت کي نقصان پهچايو، موجوده دور حڪومت ۾ سمورا فيصلا لاڳاپيل ڌرين جي مشاورت سان ڪيا ويندا آهن، حڪومت جو ڪم سڀني کي برابر موقعا فراهم ڪرڻ هوندو آهي، ??ڪومت اميرن کان ٽيڪس وصول ڪندي آهي ۽ غريبن تي خرچ ڪندي آهي، ??سان کي پنهنجي مصنوعات جي برانڊنگ ۽ ويليو ايڊيشن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، ??سان کي دنيا ۾ پنهنجي واپارين جي لاءِ اعتماد سازي کي فروغ ڏيڻو پوندو، واپار جي بنياد تي ڪشمير ۽ فلسطين ۾ ٿيندڙ ظلمن کي نظر انداز ڪيو ويندو آهي. هو ايوان صنعت ۽ واپار فيصل آباد جي سالياني تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.