اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورنگ پارڪ ۾ ٻوٽو لڳائي م??ڪ جي سڀ کان وڏي وڻڪاري م??م جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ٽائيگر فورس جي رضاڪارن ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. شهرين ۽ ٽائيگر فورس جي م??مبرن مختلف ٻوٽا لڳايا. حڪومت 9 آگسٽ تي سڄي م??ڪ ۾ ٽ??ئيگر فورس جو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ 10 بلين ٽري سونامي پروگرام تحت 10 لک کان وڌيڪ رضاڪارن سان گڏ ٻوٽا لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. منصوبي تحت خيبرپختونخواهه ۾ 20 لک، پنجاب ۾ 11 لک 90 هزار، سنڌ ۾ 3 لک، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 57 هزار، بلوچستان ۾ 15 هزار ۽ گل??ت ۾ 11 هزار 500 ٻوٽا لڳائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو.