اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته پاڪستان ۾ 6 کان 8 هفتن ۾ ڪو??ونا کان بچاءُ جي دوا ٺهڻ شروع ٿي ويندي، ان قدم سان پاڪستان ۾ ڪو??ون?? جي مريضن ۽ هيلٿ ورڪرز کي ڪوويڊ 19 جي وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جديد بنيادن تي سهولت ملي ويندي، آمريڪن ڪمپني پ??ڪستاني ڪمپني بي ايف بائيو سائنسز کي ڪو??ونا وائرس جي دوا ٺاهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، دنيا ۾ ٻن ملڪن کي دوا ٺاهڻ جي اجازت آهي، پاڪستان ان ۾ سرفهرست آهي، GILEAD ڏکڻ ايشي?? جي 5 مينوفيڪچررز سان معاهدو ڪيو آهي، اهو قدم پاڪستان جي صحت جي شعبي، معاشي ۽ سفارتڪاري جي ميدان ۾ اهم اڳڀرائي آهي. وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا، واپار واري خاص معاون عبدالرزاق دائود، فارماسيوٽيڪل ڪمپني جي سربراهه عثمان خالد نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيا هئا.