اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ چي?? آهي ته 18 هين ترميم کانپوءِ به ملڪ ۾ آئيني ترميمون ڪيون ويون، ڪنهن جي خواهش تي احتساب جو عمل بند نه ٿو ٿي سگ??ي جڏهن ته ان حوالي سان جائز قانونسازي جي لاءِ حڪومت جا دروازا سدائين کليل رهندا، جڏهن به ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان صورتحال بهتر ٿي ۽ ماڻهن جي صحت ۽ سلامتي کي خطرو نه رهيو ته سموري التوا ۾ پيل قانونسازي غور هيـٺ آندي ويندي. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو ته منهنجي چيمبر ۾ سرڪاري عملو تجويزون نوٽ ڪري رهي?? آهي. اسد عمر انهن سمورين تجو??زن جو جائزو وٺي حتمي شڪل ڏيندو.