اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ?? نشريات واري خاص مددگار ڊا??ٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته سعيد غني صاحب جي لاعلمي تي افسوس آهي، قوم جو مال ڦرڻ ۽ ڪوڙن انگ اکرن تي معيشت هلائيندڙن کي اهو ب?? علم نه آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافو ٿيو آهي، هلندڙ مالي سال جي 6 ماهي ۾ حاصل ڪيل ٽيڪس 2085 ارب آهي، جيڪو گذريل سال جي مقابلي ۾ 16.4 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ڊا??ٽر فردوس عاشق اعواڻ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته گذريل سال جي مقابلي ۾ آمدني واپار جو تعداد 21 سيڪڙو گهٽ هو جڏهن ته داخلي ٽيڪس يعني انڪم ٽيڪس، سيلز ٽيڪس ۽ ايڪسائيز ڊيوٽي ۾ ترتيبوار 21.2 سيڪڙو?? 34 ??يڪڙو ۽ 25.6 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.