اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد ا??حاق ڊار 11 کان 12 جنوري تائين پاڪستان جي ميزباني ۾ ”مسلم ڪميونٽيز ۾ ڇوڪرين جي تعليم: ??ئل??نجز ۽ موقعا“ جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس جي تياري ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود ا??مد خان، پرڏيهي وزارت جي سيڪريٽري، اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري، سي ڊي اي چيئرمين، پرڏيهي وزارت ۽ وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت جي ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ڪميٽي ڪانفرنس جي تيارين جو جائزو ورتو جنهن ۾ هڪ ٺوس ايجنڊا پيش ڪئي و??ندي جنهن ۾ ڇوڪرين جي تعليم ۾ ايندڙ رڪاوٽن، ڇوڪرين جي تعليم جي سماجي ۽ معاشي فائدن ۽ تعليمي ب??ابري کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ جديد طريقي تي ڳالهه ٻولهه پڻ شامل آهي.