ڪراچي – 08 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عوام کي صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، خادم پاڪستان جو حلف کڻندي ئي واعدو ڪيو هو ته جيست??ئي?? هر پاڪستاني کي معياري تعليم ۽ صحت جي سهولت ت??ئي?? پهچ نه ملي وڃي سُک سان نه ويهندس، ڪلينيڪل پريڪٽس جي تحقيق کانپوءِ ٺاهيل ره??ما اصول پاڪستان جي صحت جي شعبي کي عالمي معيار سان هم آهنگ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف آغا خان يونيورسٽي پاران پاڪستان جي صحت جي شعبي جي لاءِ ره??ما اصولن تي ٻڌل ڪتاب مينوئل آف ڪلينيڪل پريڪٽس گائيڊ ل??ئي??ز جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، وفاقي وزير محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، وزيراعظم جي صحت وارو ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ، سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاه??، آغا خان فائونڊيشن جو صدر سلطان علي الانه ۽ صحت جي شعبي مان عالمي ۽ مقامي ماهرن سان گڏوگڏ آغا خان يونيورسٽي جي بورڊ آف ٽرسٽيز جو چيئرمين ذاڪر محمود ۽ ڊاڪٽر سلمان شهاب الدين، آغا خان يونيورسٽي جو صدر پڻ ??وجود هئا. وزيراعظم چيو ته آغا خان فائونڊيشن جون پاڪستان ۾ عوامي ڀلائي جي لاءِ اڻٿڪ خدمتون آهن، آغا خان يونيورسٽي پاران پاڪستان جي ڏس ۾ لکيل ره??ما اصولن جي ڪتاب پاڪستان جي صحت جي شعبي جي سڌارن ۾ هڪ روشن باب جو اضافو آهي. وزيراعظم چيو ته ڪلينيڪل پريڪٽس جي تحقيق کانپوءِ ٺاهيل ره??ما اصولڪ پاڪستان جي صحت جي شعبي کي عالمي معيار سان هم آهنگ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي لاڳو ره??ما اصولن ۽ پاڪستان جي صحت جي شعبي ۾ موجود مسئلن جي ڏس ۾ ٺاهيل اهي اصول حڪومت جي صحت جي شعبي جي سڌارن جي ايجنڊا کي پورو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. وزيراعظم چيو ته آغا خان فائونڊيشن اسلام آباد ۾ جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي تعمير ۾ بنا ڪنهن معاوضي جي ڪنسلٽينسي جون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي جيڪا ساراهه جوڳي ڳالهه آهي. پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي خاص طور تي صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ آغا خان فائونديشن جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي هر شهري کي بنيادي صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته خادم پنجاب جي دور ۾ اسان ملڪ ۾ پي ڪي ايل آءِ، برن سينٽرز ۽ ٻين موذي مرضن جي علاج جي لاءِ عالمي معيار جا ادارا ٺاهيا، سنڌ ۾ به ايس آءِ يو ٽي جهڙا بي شمار قابل قدر ادارا عوامي خدمت ۾ ڏينهن رات مصروف عمل آهن. وزيراعظم چيو ته خادم پاڪستان جو حلف کڻندي ئي پنهنجي عوام سان واعدو ڪيو هو ته جيست??ئي?? هر پاڪستاني کي معياري تعليم ۽ صحت جي سهولتن ت??ئي?? پهچ نه ملي وڃي سُک سان نه ويهندس، الله جي فضل ۽ ڪرم سان هر گذرندڙ ڏينهن اسان ان وچن جي تڪميل طرف تيزي سان گامزن آهيون. تقريب ۾ وزيراعظم آغا خان فائونڊيشن جي صدر سلطان علي الانه جا اسلام آباد ۾ جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي لاءِ فائونڊيشن پاران ڪنسلٽينسي فراهم ڪرڻ تي خصوصي ٿورا پڻ ادا ڪيا. آغا خان يونيورسٽي جي صدر اڪٽر سلمان شهاب الدين وزيراعظم ۽ شرڪت ڪندڙن جو تقريب ۾ استقبال ڪيو ۽ آغا خان يونيورسٽي جي ملڪ ۾ طب جي شعبي ۾ خدمتن تي روشني وڌي. ان موقعي تي آغا خان ميڊيڪل ڪاليج جي ڊين ۽ ڪلينيڪل مينوئل جي ايڊيٽر ان چيف ڊاڪٽر عادل حيدر شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته پوري خطي ۾ صحت جي شعبي جي حوالي سان ره??ما اصولن تي ٻڌل هي پهريون ڪتاب آهي جيڪو پاڪستان ۾ جاري ڪيو ويو آهي، ان مينوئل تي عملدرآمد سان سڌوسنئون 2 ڪروڙ ماڻهو عالمي معيار جي نگهداشت مان فائدو کڻي سگهندا جڏهن ته طبي آپريشنز دوران سڌي طرح ڏيڍ لک ماڻهن جون جانيون بهتر احتياطي تدبيرن ۽ پروسيجرز سان بچائي سگهبيون، ان کان اڳ پاڪستان ۾ اهڙو ڪو به ره??ما اصولن تي ٻڌل مينوئل موجود نه هو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اهي ره??ما اصول پاڪستان جي صحت جي شعبي ۾ موجوده حالتن کي نظر ۾ رکي ٺاهيا ويا آهن جڏهن ته ان ۾ 140 کان وڌيڪ پروسيجرز اسپيشيئلٽيز تي تحقيق ڪري اصول جوڙيا ويا آهن، وڌيڪ اهو ته اهو مينوئل آن ل??ئي?? ڪنهن به معاوضي کانسواءِ ملڪ جي سمورن ڊاڪٽرز کي ميسر آهي. بعد ۾ وزيراعظم آغا خان يونيورسٽي ۽ سڄي ملڪ سان تعلق رکندڙ طبي ماهرن تي ٻڌل صحت جي شعبي تي هڪ رائونڊ ٽيبل ۾ شرڪت ڪئي. رائونڊ ٽيبل ۾ طبي ماهرن پاڪستان جي صحت جي شعبي جي حوالي سان سڌارن ۽ مسئلن کي ختم ڪرڻ ۽ عام ماڻهو جي معياري صحت جي سهولتن ت??ئي?? پهچ جي حوالي سان وزيراعظم کي تجويزون پيش ڪيون. شرڪت ڪندڙن پاڪستان ۾ موذي مرضن کان بچاءُ جي لاءِ ويڪسينيشن جي دائري کي وسيع ڪرڻ، ٽيلي ميڊيسن جي سڄي ملڪ ۾ فروغ، صحت جي شعبي ۾ پبلڪ پر??ئي??يٽ پارٽنرشپ جي فروغ، پاڪستان ۾ ميڊيڪل ۽ نرسنگ جي عالمي معيار جي تعليم ۽ نرسز جي انگ ۾ اضافي سان گڏوگڏ ٻيون تجويزون پڻ ??يش ڪيون. وزيراعظم انهن تجويزن جي آجيان ڪندي چيو ته حڪومت صحت جي سهولتن ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.