اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پا??ستان هن سال گڏيل دلچسپي جي ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي يورپ ۾ پنهنجي حصيدارن سان تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه جاري رک??، اسان جو ڌيان اقتصادي تعاون کي وڌائڻ، موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ تعاون ڪرڻ ۽ اعليٰ تعليم ۽ روزگار جا موقعا ڳولڻ تي مرڪوز ر??يو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته ڪيترن ئي يورپي ملڪن سان ليبر مائيگريشن، پائيدار بنيادي ڍانچي جي منصوبن، سول ايوي ايشن ۾ فني تعاون ۽ گرين پارٽنرشپ کي فروغ ڏيڻ تي اهم مفاهمتو?? طئي ٿيون. ترجمان چيو ته يورپي يونين پا??ستان انٽرنيشنل ايئرلائينز (پي آءِ اي) تي هنيل چار سالن جي پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي جنهن کانپوءِ پي آءِ اي جي يورپ جون لاءِ اڏامون بحال ٿي ويون آهن. هن چيو ته پا??ستان وسيع تر خطي ۾ پڻ اڏامن جي بحالي جي لاءِ غيريورپي يونين جي ملڪن سان مصروف عمل آهي.