اسلام آباد -10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عرب اسلامڪ سمٽ ۾ شرڪت لاء?? سعودي عرب جي شهر رياض لاءِ روانو ٿي ويو. گذري?? ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان م??جب وزيراعظم شهباز شريف عرب اسلامڪ سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندو. ان م??قعي تي سمٽ جي سائيڊ لائينز تي وزيراعظم ج??ن عالمي اڳواڻن سان م??اقاتون به متوقع اهن. سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطاالله تارڙ ۽ وزيراعظم ج?? خاص مددگار طارق فاطمي به وزيراعظم سان گڏ آهن. هي غير معمولي سربراهي اجلاس سعودي عرب جي حڪومت طرفان گهرايو ويو آهي جنهن ۾ غزه ۽ فلسطين سميت وچ اوڀر جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. سربراهي اجلاس ۾ عرب ليگ ۽ او آءِ سي جا ميمبر ملڪ به شرڪت ڪري رهيا آهن.