اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي ??چ ۾ اهم ملاقات ٿي. ٻنهي اڳو??ڻن جي ??چ ۾ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال ۽ صوبائي حڪومت جي ڌيان نه ڏيڻ، ??عاشي ترقي جي ??اءِ وفاقي حڪومت جي ??دمن، نوجوانن جي ??ثبت سرگرمين ۾ مشغوليت، صوبي ۾ دانش اسڪول جي ??يام تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات ۾ خيبرپختونخواهه ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان موجوده صورتحال، ان ۾ بهتري جي ??اءِ قدمن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي اڳو??ڻن خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي خراب صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. خيبرپختونخواهه جي گورنر ۽ اطلاعات واري وفاقي وزير صوبي ۾ امن امان جي بحالي جي ??اءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڏنو. خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ان موقعي تي چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ نوجوانن کي انتشاري سياست کان پري رکڻ ۽ مثبت سرگرمين طرف راغب ڪرڻ جي ??اءِ قدم کنيا ويندا. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته وفاقي حڪومت خيبرپختونخواهه ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان هر ممڪن تعاون فراهم ڪرڻ جي ??اءِ تيار آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي حڪومت صوبي ۾ دانش اسڪول جي ??يام ۽ معياري تعليم جي ??روغ جي حوالي سان قدم کڻي رهي آهي، خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي بحالي وفاق جي ترجيحن ۾ شامل آهي، خيبرپختونخواهه جي عوام اسان جا ڀائر آهن، انهن جي ڀلائي وفاق جي اولين ترجيح آهي، خيبرپختونخواهه جي عوام کي انهن جي حق کان محروم نه ڪيو ويندو، صوبي ۾ ثقافتي سرگرمين کي فروغ ڏنو ويندو. ملاقات ۾ ڊيره اسماعيل خان ۾ ميڊيا حب بڻائڻ ۽ ٻين سهولتن جي ??راهمي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. خيبرپختونخواهه جي گورنر اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ان جي ??اتحت ادارن ۾ ٿيندڙ جدت ۽ مثبت تبديلين کي خوش آئنده قرار ڏنو. ملاقات ۾ خيبرپختونخواهه ۾ تعليمي ۽ ثقافتي سرگرمين جي ??روغ بابت مختلف تجويزون پڻ بحث هيٺ آيون.