اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيره اسماعيل خان ۾ ايف سي ج?? قافلي تي خارجي دهشتگردن جي حملي ج?? شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ ايف سي اهلڪار کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چ??و ته ملڪ ۾ امن امان قائم رکڻ جي لاءِ ايف سي ۽ پوليس جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جون عظيم قربانيون آهن، پنهنجي جان جي ??رو??هه ڪرڻ کانسواءِ ملڪ مان ف??نه الخوارج جي لعنت جي خاتمي لاءِ مصروف عمل سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي مون سميت پوري قوم خراج تحسين پيش ڪري ٿي. هن چ??و ته پوري پاڪستاني قوم دهشتگردي ج?? ان جنگ ۾ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿي سگهي. وزيراعظم حملي ۾ زخمي ٿيندڙ اهلڪارن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم شهيد جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا پڻ ڪئي.