اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري خ??بر??ختو??خو?? ۾ دهشتگردن خلاف ٻن مختلف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر مملڪت خوارج دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشنز ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو ۽ فتن الخوارج جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن خلاف ڪارروايون جاري رکڻ جي عزم جو اظ??ار ڪيو. صدر مملڪت چيو ته پوري قوم دهشتگردي خلاف ??نگ ۾ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي.