اسلام آباد -23 سيپٽمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير چوڌري س??لڪ حسين چيو آهي، ته پوري قوم کي سپريم ڪورٽ ۾ مبارڪ ثاني ڪيس جي ??فصيلي فيصلي جو انتظار آهي، ختم نبوت تي ايمان هر مسلمان جي ??يمان جو بنيادي جزو آهي، دين جا اصل اڳواڻ عالم سڳورا ۽ مشائخ آهن نه ڪي اهي ماڻهو جيڪي رياست خلاف بندوقون کڻي گهمي رهيا آهن، نئين نسل کي محفوظ مستقبل ڏيڻ لاءِ حڪومت، ادارن ۽ عالم سڳورن کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. گذريل ڏينهن انهن خيالن جو اظهار وفاقي وزير چوڌري س??لڪ حسين عالم سڳورن سان ملاقات دوران ڪيو. وفاقي وزير چيو ته مبارڪ ثاني ڪيس جي ??فصيلي فيصلي جو پوري قوم کي انتظار آهي، تفصيلي فيصلو جلد جاري ڪيو ويندو، ختم نبوت تي ايمان هر مسلمان جي ??يمان جو بنيادي ايڪو آهي، دهشتگردي جي ??اتمي لاءِ عالم سڳورن ۽ ٻين مذهبي اڳو??ڻن سان مشاورت جي ??روعات ڪئي آهي. اسان کي جنهن باهه ۾ ڌڪيو پيو وڃي اسان کي انهي مان نڪرڻو آهي. عالم سڳورن ۽ ٻين اڳو??ڻن جي مدد سان ئي اسان ان باهه مان نڪري سگهون ٿا. دين جا اصل اڳواڻ عالم سڳورا ۽ مشائخ آهن نه ڪي اهي ماڻهو جيڪي رياست خلاف بندوق کڻي گهمي رهيا آهن، نئين نسل کي محفوظ مستقبل ڏيڻ لاءِ حڪومت، ادارن ۽ عالم سڳورن کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. عالم سڳورن ۽ مشائخن ملڪ ۾ انتهاپسندن ۽ دهشتگردن جي ??يانيي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. اسلام ۽ دين کي استعمال ڪري ماڻهن کي ورغلائي دهشتگردي ۾ ملوث عنصرن جو رستو روڪڻو پوندو. رياست خلاف هٿيار کڻڻ وارو شخص يا تنظيم دهشتگرد آهي، اسان کي ملڪ خاطر دهشتگردي جي لعنت خلاف گڏ ٿيڻو آهي. عالم سڳورا يڪجهتي ۽ اتحاد جو پيغام ڏيڻ ته ان جو اثر تمام گهڻو پوندو ۽ مضبوط پيغام ويندو، اسان کي اسلام جي نالي کي غلط استعمال ڪرڻ ب??د ڪرائڻو آهي، دهشتگردي بابت عالم سڳورن جي ??جويزن تي عملدرآمد به ڪرايو ويندو. وفاقي وزير سان ملاقات ڪندڙن ۾ جمعيت اهل حديث جي ??ڳواڻ حافظ فاروق ا??وا??، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو ميمبر آغا افتخار نقوي، عالمي اسلامي يونيورسٽي جو ڊائريڪٽر جنرل پروفيسر ضيا الحق ۽ مولانا عمران عطاري شامل هئا.