اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) و??اق?? ڪابينا فلسطين ۽ لبنان ۾ اسرائيل جي ڏاڍ کان متاثر ماڻهن جي امداد جي لاءِ ”فلسطين ۽ لبنان بابت وزيراعظم ريليف فنڊ“ قائم ڪرڻ ۽ سامونڊي معاملن واري وزارت جي سفا??ش تي گوادر بندرگاهه پاڪستان ۽ شنگهائي بندرگاهه چين کي سسٽر – پورٽس جي حيثيت ڏيڻ جي معاهدي تي صحيحن جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم ??في?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ و??اق?? ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿيو. و??اق?? ڪابينا فلسطين ۽ لبنان ۾ اسرائيل جي ڏاڍ کان متاثر ماڻهن جي امداد لاءِ فلسطين ۽ لبنان بابت وزيراعظم ريليف فنڊ قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ۽ ان حوالي سان اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي اڪائونٽ کولڻ جي حوالي سان ضروري هدايتون پڻ جاري ڪري ڇڏيون. منصوبابندي وارو و??اق?? وزير احسن اقبال فلسطين ۽ لبنان جي حوالي سان امدادي ڪاررواين جي نگراني ڪندو. و??اق?? ڪابينا کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت پاران و??اق?? وزارتن ۽ ادارن ۾ اي – ??في?? لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومت جي اي – گورننس لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان قدمن سان گڏيل قومن جي اي – گورننس ڊيولپمينٽ انڊيڪس ۾ پاڪستان جي پوزيشن ۾ 14 درجا بهتري ٿي آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته و??اق?? حڪومت جي سمورين 40 ڊويزنز ۾ اي – ??في?? لاڳو ڪرڻ جو عمل جاري آهي ۽ ڪجهه وزارتن ۾ اي – ??في?? جو 100 سيڪڙو لاڳو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم اي – ??في?? لاڳو ڪرڻ ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ٻن هفتن کانپوءِ ان حوالي سان اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويندو. و??اق?? ڪابينا ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن جي فيصلن جي روشني ۾ ماهيگيري جي شعبي ۾ سبسڊيز جي معاهدي جي توثيق ڪري ڇڏي. و??اق?? ڪابينا سامونڊي معاملن واري وزارت جي سفا??ش تي گوادر بندرگاهه پاڪستان ۽ شنگهائي بندرگاهه چين کي سسٽر – پورٽس جي حيثيت ڏيڻ جي معاهدي تي صحيحن جي منظوري ڏئي ڇڏي. و??اق?? ڪابينا پرڏيهي معاملن واري وزارت جي سفا??ش تي پرڏيهي وزارت پاڪستان ۽ روانڊا جي پرڏيهي وزارت جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جي مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن جي منظوري ڏئي ڇڏي. و??اق?? ڪابينا پرڏيهي معاملن واري وزارت جي سفا??ش تي پرڏيهي وزارت پاڪستان ۽ گهانا جي پرڏيهي وزارت جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جي حوالي سان مفاهمتي يادداشت تي صحيحن جي منظوري ڏئي ڇڏي. و??اق?? ڪابينا چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي حڪمن ۽ قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفا??ش تي جوڊيشل مئجسٽريٽ I – گوادر ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ I – حب کي منشيات جي خاتمي جا ڪيس ٻڌڻ جو اختيار ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. و??اق?? ڪابينا ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 25 سيپٽمبر 2024ع تي منعقد ڪيل اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. و??اق?? ڪابينا چائينز انويسٽمينٽ پراجيڪٽس بابت ڪابينا ڪميٽي جي 16 سيپٽمبر 2024ع تي منعقد اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. و??اق?? ڪابينا حڪومتي ملڪيتي ادارن بابت ڪابينا ڪميٽي جي پهرين آڪٽوبر 2024ع تي منعقد ٿيندڙ اجلاس جي فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.