اسلام آباد-27 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته سياحت کي هٿي ڏيڻ ملڪي، سماجي ۽ اقتصادي ترقي ??اء?? ضروري آ??ي، سياحت جي ترقي سان پاڪستان جي عالمي سطح تي هاڪاري سڃاڻپ اجاگر ٿ??ندي، پاڪستان جو قدرتي حسن ۽ ثقافتي ورثو سياحن ??اء?? دلچسپي جو سبب آهي. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق س??احت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته سياحت کي هٿي ڏيڻ ملڪي، سماجي ۽ اقتصادي ترقي ??اء?? ضروري آهي. پاڪستان ۾ موجود سياحت جا تمام گهڻا موقعا معيشت ۽ ثقافتي مٽاسٽا کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. سياحت معيشت جي مضبوطي ۽ مختلف ثقافتن ۾ هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. هن چيو ته پاڪستان جو تاريخي، ثقافتي ورثو ۽ قدرتي حسن سڄي دنيا جي سياحن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪرائي سگهي ٿو. سياحت جي ترقي سان پاڪستان جي عالمي سطح تي هاڪاري سڃاڻپ اجاگر ٿ??ندي. پاڪستان مذهبي ۽ ثقافتي سياحت جي لحاظ کان هڪ اهم حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته موجوده حڪومت مختلف مذهبن کي مڃيندڙن کي انهن جي تاريخي ۽ مذهبي هنڌن تائين بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ ??اء?? پرعزم آهي. حڪومت سياحت ذريعي سماجي ۽ ثقافتي رڪاوٽن جي خاتمي ۽ خطي جي گڏيل ورثي ج?? تحفظ ??اء?? پرعزم آهي. پاڪستان جو قدرتي حسن ۽ ثقافتي ورثو سياحن ??اء?? دلچسپي جو سبب آ??ي، سياحت کي هٿي ڏيڻ سان روزگار جي موقعن ۽ مقامي آبادي جي پائيدار ترقي ۽ خوشحالي ۾ اضافو ٿيندو.