اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ قاديانين کي غير مسلم اقليت قرار ڏيڻ وارو 7 سيپٽمبر جو تاريخي ڏينهن سرڪاري سطح تي ملهائڻ ۽ ان ڏينهن عام موڪل جي اعلان لاءِ ٺهر??ءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪالهه سينيٽ اجلاس ۾ جي يو آءِ (ف) جي پارلياماني ليڊر مولانا عطاءُ ??لر??مان ان سلسلي ۾ ٺه??اء?? پيش ڪيو. ٺهر??ءَ ۾ چيو ويو ته پاڪستان جي پارليامينٽ 7 سيپٽمبر 1974?? تي تاريخي ڏينهن گڏيل طور تي قاديانين کي غير مسلم اقليت قرار ڏنو هو. هي ڏينهن نه صرف پاڪستان پر پوري مسلمان اُمت لاءِ تاريخي اهميت وارو آهي ڇاڪاڻ ته ان ڏينهن مسلمانن جي ڊگهي جدوجهد ڪاميابي سان پوري ٿي. ٺهر??ءَ ۾ چيو ويو ته ان تاريخي لمحن کي اجاگر ڪرڻ اڻٽر آهي. سينيٽ حڪومت کان سفارش ڪري ٿي ته هي ڏينهن سرڪاري سطح تي ملهايو وڃي ۽ ان ڏينهن کي قومي سطح تي موڪل جو اعلان ڪيو وڃي. سينيٽ اتفاق ??اء?? سان قرارداد جي منظوري ڏئي ڇڏي.