اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) و??پا?? واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته عالمي اقتصادي مسئلن ۽ غير يقيني صورتحال جي مقابلي لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ميمبر ملڪن وچ ۾ يڪجهتي ضروري آهي،پاڪستان ايس سي او ملڪن سان نون و??پا??ي موقعن ۽ اقتصادي تعاون ڳولڻ جو خواهشمند آهي، پا??ستان انتهائي اهم جاگرافيائي اهميت رکندڙ آهي، ڏکڻ ايشيا، وچ ايشيا ۽ وچ اوڀر جي و??پا??ي ۽ سيڙپڪاري سرگرمين جي اسٽريٽجڪ مرڪز جي حيثيت رکي ٿو. اهڙو اظهار وفاقي وزير ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي اقتصادي معاملن ۽ و??پا?? وارن وزيرن جي 23 هين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. پنهنجي افتتاحي خطاب ۾ ڄام ڪمال خان اجلاس جي شرڪت ڪندڙن جي پا??ستان اچڻ تي آجيان ڪئي ۽ چيو ته اجلاس جي ميزباني پا??ستان لاءِ اعزاز آهي، هن پا??ستان جي حڪومت ۽ عوام طرفان ايس سي او جي ميمبر ملڪن لاءِ نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو. هن چيو ته اجلاس جو مقصد ايس سي او جي ميمبر ملڪن وچ ۾ اقتصادي سهڪار ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ آهي. وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو ته تازن سالن دوران پا??ستان ملڪ ۾ ڪاروباري ماحول جي بهتري ۽ صنعتي ترقي کي هٿي ڏيڻ سان گڏوگڏ و??پا??ي سهولتن جي فراهمي لاءِ اهم سڌارا متعارف ڪرايا آهن. هن وقت اسان پنهنجي بنيادي ڍانچي کي جديد بڻائڻ، ريگوليٽري فريم ورڪ جي بهتري ۽ و??پا?? دوست ماحول جي فراهمي لاءِ جامع حڪمت عملي تحت قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته ايس سي او جو خطو دنيا جي تيز ترين ترقي ڪندڙ معيشت تي ٻڌل آهي جتي دنيا جي آبادي جو هڪ وڏو حصو رهندڙ آهي. اهو خطو و??پا?? ۽ اقتصادي حصيداري لاءِ انتهائي اهم آهي. هن چيو ته پنهنجن ملڪن جي ترقي لاءِ و??پا?? جي اهم ڪردار کي تسليم ڪندي اسان کي قدم کڻڻا پوندا. وفاقي وزير چيو ته و??پا?? نه رڳو معاشي ترقي جو سبب بڻجي ٿو پر اهو مختلف ملڪن، خطن ۽ عوام وچ ۾ ٻطرفي سهڪار، امن ۽ استحڪام به پيدا ڪري ٿو. هن چيو ته ڏکڻ ايشيا، وچ ايشيا ۽ وچ اوڀر جي سنگم تي واقع پا??ستان انتهائي اهم جاگرافيائي حيثيت رکندڙ آهي جيڪو و??پا?? ۽ سيڙپڪاري جو هڪ قدرتي مرڪز آهي. هن چيو ته اسان ايس سي او ريجن جي گڏيل ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ميمبر ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. شنگهائي سهڪار تنظيم جي حوالي سان پا??ستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي و??پا?? واري وفاقي وزير چيو ته پا??ستان ايس سي او ميمبر ملڪن سان قومي قانون ۽ پاليسين موجب و??پا?? کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي گڏيل و??پا?? جي گذريل سال جي انگن اکرن جو حوالو ڏيندي هن چيو ته ايس سي او جي ميمبر ملڪن جو گڏيل آمدني و??پا?? انهن جي مجموعي آمدني و??پا?? جي 19 سيڪڙو جڏهن ته روا??گي و??پا?? مجموعي روا??گي و??پا?? جي 14 سيڪڙو جي برابر رهيو آهي. اهڙي طرح ايس سي او ميمبر ملڪن جو مجموعي و??پا?? جي تناسب ۾ ميمبر ملڪن جي گڏيل و??پا?? جو ڳاڻيٽو 16 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي مستقبل جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جو ويزن آهي ته ايس سي او ريجن جي گڏ??ل رابطن کي هٿي ڏني وڃي ۽ انهن ملڪن جي گڏيل و??پا?? کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ سان گڏوگڏ و??پا??ي شعبي جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ميمبر ملڪن وچ ۾ انهن جي قانونن ۽ پاليسي تحت جدت تي ٻڌل ڪاروباري ماحول جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي. پنهنجي خطاب جي آخر ۾ و??پا?? واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو ته هن وقت عالمي سطح تي مختلف اقتصادي مسئلن ۽ غير يقيني صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو آهي. ايس سي او ميمبر ملڪن لاءِ ضروري آهي ته اهي انهن ڏکيائين جو مقابلو ڪرڻ لاءِ گڏيل يڪجهتي کي هٿي ڏين.