اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بلوچستان ??ي علائقي موسيٰ خيل ويجهو دهشتگردي جي بدترين واقعي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي ??يو آهي، ته دهشتگرد ۽ انهن جي سهولتڪارن کي عبرتناڪ انجام تائين پڄايو ويندو. دهشتگردي جي جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان ??ندگي جي هر طبقي لازوال قربانيون ڏنيون آهن. ڪالهه پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير محسن نقوي 23 مسافرن جي قتل جي واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گهرو وزير دهشتگردن جي بزدلاڻين ڪارروائين ۾ مارجي ويلن جي وارثن سان ??لي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. محسن نقوي جو چوڻ هو ته موسيٰ خيل ويجهو دهشتگردن معصوم ماڻهن کي نشانو بڻائي ڏاڍ جو مظاهرو ڪيو. سفاڪيت ۽ ظلم جي انتها ڪئي وئي. هن جو چوڻ هو ته حڪومت قتل ٿيل ماڻهن جي وارثن سان ??لي همدردي جو اظهار ڪري ٿي ۽ ڏکويل ڪٽنبن سان ??ندن غم ۾ برابر جي شريڪ آهي.