اسلام آب??د-11 سيپٽمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين ??لم??اهب ه?? آهنگي واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين سان يورپي يونين جي آزادي مذهب ۽ عقيدا بابت خصوصي ايلچي فرانس وين ڊيل وفد سان گڏ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ مذهبي ع??م برداشت جي وڌندڙ رجحان، دهشتگردي، فرقيواريت جي خاتمي، امن قائم ڪرڻ ۽ بين ??لم??اهب ه?? آهنگي کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين يورپي يونين جي خصوصي ايلچي کي مذهبي معاملن ۽ بين ??لم??اهب ه?? آهنگي واري وزارت ۾ اچڻ تي ڀليڪار ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين عدم برداشت جي رجحان ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ پرامن گڏيل مستقبل کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو ته پاڪستان اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي، بين ??لم??اهب ه?? آهنگي پاليسي جوڙي حتمي منظوري لاءِ ڪابينا ڏانهن موڪلي آهي، مذهبي رواداري کي هٿي ڏيڻ لاءِ سمورن مذهبن ۽ مسلڪن کان 700 کان وڌيڪ عالم پيغام پاڪستان تي صحيحون ڪيون، مذهب جي آڙ ۾ ڪنهن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت ناهي، ملاقات ۾ بين ??لم??اهب ه?? آهنگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان ۽ يورپي يونين ملڪن وچ ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ع??م جو ورجاءُ ڪيو ويو، وفد ۾ يورپي يونين جي پاڪستان ۾ سفير ڊاڪٽر رينا ڪيونا به شامل هئي.