اسلام آباد-19 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اس??ام آباد ۾ 100 بسترن تي ٻڌل جديد اس??تال جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو آهي، جنهن کي نيشنل پوليس فائونڊيشن ۽ ترڪيه جي نجي ڪمپني جي سهڪار سان تعمير ڪئي ويندي، هن اس??تال جي تڪميل سان پوليس جي جوانن، انهن جي ڪٽنبن ۽ عام شهرين کي صحت جون جديد سهولتون ملنديون. پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته انٽرنيشنل اس??تال جو هي منصوبو نيشنل پوليس فائونڊيشن لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو. هن نيشنل پوليس فائونڊيشن جي نون منصوبن جي واکاڻ ڪندي چيو ته صابر احمد جي آمد نيشنل پوليس فائونڊيشن کي ٻيهر متحرڪ بڻائي ڇڏيو آهي، ان جي سموري آم??ني شهيدن ۽ پوليس جي ويلفيئر تي لڳائي پئي وڃي. گهرو وزير چيو ته شهيد ۽ پوليس جوانن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ محنت ۽ لگن سان ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ هي اس??تال ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، نيشنل پوليس فائونڊيشن ۽ سي ڊي اي جي گڏيل سهڪار سان نئين منصوبي تي ڪم ٿي رهيو آهي ۽ هي منصوبو صرف اس??ام آباد تائين محدود نه هوندو پر صوبن ۾ به شهيدن ۽ پوليس جي جوانن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪيو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته نيشنل پوليس فائونڊيشن ويجهڙ ۾ حيدرآباد ۾ شهيدن ۽ جوانن لاءِ هڪ منصوبو مڪمل ڪيو آهي. ان اس??تال جي تعمير لاءِ نيشنل پوليس فائونڊيشن زمين فراهم ڪئي آهي ج??هن ته اس??تال جي تعمير مڪمل طور ترڪيه جي هڪ ڪمپني ڪري رهي آهي جنهن جي لاڳت 5 ارب روپيا آهي. گهرو وزير ان موقعي تي ان ڳالهه جو به اعلان ڪيو ته نيشنل پوليس اڪيڊمي جي نئين سر تنظيم سازي ڪئي پئي وڃي ته جيئن پوليس جي جوانن کي وڌيڪ بهتر تربيت فراهم ڪري سگهجي.