اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فلس??ين جي مسئلي جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم ۽ حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته فلس??ين جي آزاد رياست جو قيام ئي ان مسئلي جو پائيدار حل آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار فلس??ين جي عهدو ڇڏيندڙ سفير احمد جواد عبدالعزيز رابعي سان ڳالهائيندي ڪي?? جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم فلسطيني عوام ۽ ان جي خودمختياري واري حق جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪي??. هن 7 آڪٽوبر 2023ع کان جاري غزه ۾ معصوم فلسطينين جي خلاف اسرائيل جي جارحاڻي ڪاررواين جي شديد مذمت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 40 هزار کان وڌيڪ بيگناهه فلسطيني شهيد ۽ 90 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا. وزيراعظم ٻه رياستي حل جي ذريعي فلس??ين جي مسئلي جو منصفاڻو ۽ پائيدار حل ڳولڻ جي ڪوشش جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم ۽ حمايت جو ورجاءُ ڪي??. وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن ڪيترين ئي قراردادن موجب 1967ع کان اڳ واري سرحدن ۽ المقدس جي گادي واري هنڌ جي طور تي فلس??ين جي هڪ آزاد رياست جو قيام ئي ان مسئلي جو پائيدار حل آهي. احمد جواد عبدالعزيز رابعي پنهنجي 5 سالا مقرري واري دور ۾ پاڪستان پاران بهترين مهمان نوازي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن فلس??ين جي مسئلي تي پاڪستان جي تاريخي ۽ ٺوس موقف ۽ خطي ۾ ا??ن ۽ استحڪام جي لاءِ عالمي ڪوششن ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو. احمد جواد عبدالعزيز رابعي فلسطيني شاگردن کي پاڪستان ۾ تعليم مڪمل ڪرڻ جي لاءِ سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ وظيفن جي آ?? تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃيا.