لاهور -04 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان علماءَ ڪائونسل جي چيئرمين حافظ علامه طاهر محمود اشرفي چيو آهي، ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ غيرقانوني قدم کنيو، سموري پاڪستاني قوم ڪشميرين سان گڏ آهي، يوم استحصال ڪشمير جي حوالي سان جاري پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ان حوالي س??ن سڄي ملڪ ۾ سيمينارز، تقريبون، ڪانفرنسون ۽ واڪس ??نع??د ڪيون وينديون. هن چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي ڄمون ڪشمير ۾ غيرقانوني قدم کنيو. ڀارت ڪشميرين جو استحصال ڪندي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي، گڏيل قومن جي خلاف ورزي ڪئي ۽ ڪشميرين جي حقن تي غيرقانوني قبضو ڪيو، ان ڪر?? اڄ 5 آگسٽ تي يوم استحصال ڪشمير سڄي دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي. هن چيو ته ڪشمير مسئلو مسلم امت جو اهم مسئلو آهي، جنهن ۾ بيگناهه مسلمانن جو رت وهي رهيو آهي. ڪشمير دنيا جي هڪ اهڙي جيل آهي، جنهن جو آواز کي نه پيو اچي. هن چيو ته پاڪستاني ڪشميرين جي حق جي ڳالهه ڪر?? رهيا آهن پر افسوس ان ڳالهه تي آهي ته ڀارت ۾ رهندڙ مسلمان پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي مدد نه ڪر?? رهيا آهن، سڄي پاڪستاني قوم ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي.