اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي پهرئين نشان حيدر حاصل ڪندڙ ڪيپٽن محمد سرور شهيد کي ??راج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته سندس شه??دت جو ڏينهن سڄي قوم کي پنهنجن شهيدن جي بي مثال قربانين جي ياد ڏياري ٿو، پاڪستاني قوم ملڪي دفاع لاءِ پاڪستاني فوج جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿي سگ??ي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري پريس رليز مطابق ڪيپٽن سرور شهيد جي 76 هين يوم شه??دت تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڪيپٽن محمد سرور شهيد 1948 جي جنگ جي جرئت ۽ بهادري جي مثال قائم ڪندي، شه??دت جو درجو حاصل ڪيو، ڪيپٽن محمد سرور شهيد ڌرتي جي حفاظت کي پنهنجي جان تي فوقيت ڏئي ايندڙ نسلن لاءِ مادر وطن سان و??ا جو لازوال مثال قائم ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڪيپٽن محمد سرور شهيد (نشان حيدر) جي شه??دت جو ڏهاڙو سڄي قوم کي پنهنجن شهيدن جي بي مثال قربانين جي ياد ڏياري ٿو، پاڪستاني قوم ملڪي دفاع لاءِ پاڪستان جي فوج جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿي سگ??ي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني پاڪستاني فوج جا آفيسر ۽ جوان ملڪ جي دفاع لاءِ قربانيون ڏيندا آيا آهن ۽ ڏئي رهيا آهن، مون سميت سڄي قوم کي پاڪ فوج جي شهيدن ۽ سندن ڪٽنب ڀاتين تي فخر آهي. وزيراعظم چيو ته سڄي قوم ملڪي دفاع لاءِ پنهنجي جانين جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ پنهنجا فرض ادا ڪندڙ پاڪستاني فوج جي آفيسرن ۽ جوانن سا?? گڏ بيٺل آهي.