اسلام آباد – 09 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وزيرستان ۾ دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڪيپٽن اسامه بن ارشد جي شهادت تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪي?? آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيد جا درجا بلند فرمائي. هن شهيد جي گهرڀاتين جي لاءِ ??بر جميل جي دعا پڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي ناس??ر جي مڪمل خاتمي تائين اسان جي دهشتگردن سان جنگ جاري رهندي، دهشتگردن جي خلاف شيهي جي ديوار بڻجي بيهندڙ نوجوانن کي قو?? سلام پيش ڪري ٿي.