رياض – 29 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته غزه ۾ امن کانسواءِ دنيا ۾ مستقل امن قا??م نٿو ٿي سگهي، پاڪستان معيشت جي بهتري لاءِ بنيادي سڌارن جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، اسا?? کي موسمياتي تبديلي جهڙو وڏو چئلينج درپيش آهي، عالمي منڊي ۾ مهانگائي جي ڪري اسرندڙ ملڪ متاثر ٿيا آهن، ڪروڙن جي نوجوان آبادي اسان جو قيمتي اثاثو آهي، جديد ٽيڪنالاجي ۽ فني تربيت جي فراهمي جي ذريعي اسان انه?? کي پنهنجو روزگار شروع ڪرڻ جي قا??ل بڻائي سگهون ٿا، فلسطين ۾ امن قا??م ڪرڻ تمام ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اقتصادي فورم جي خصوصي اجلاس جي پڄاڻي واري سيش?? کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته دنيا ۾ ان وقت تائين امن نه ٿيندو جيستائين غزه ۾ مستقل امن قا??م نٿو ٿي وڃي. جڏهن هن غزه بابت ڳالهه ڪئي ته هال ۾ موجود ماڻهن تاڙين جي گونج ۾ جواب ڏنو. هن چيو ته يوڪرين ۾ تڪرار جي ڪري سڄي دنيا ۾ شين جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳيون ۽ پاڪستان صنعت ۽ زراعت جي لاءِ ضروري خام مال درآمد ۽ خريد نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته هن مهانگائي اسرندڙ ملڪن جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان انهن ملڪن مان هڪ آهي جنهن جو موسمياتي تبديلي جي سببن سان ڪو تعلق نه آهي، اخراج ۾ اسان جو حصو هڪ سيڪڙو به نه آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڪري زمين جو وڏو حصو پاڻي هيٺ اچي ويو ۽ لکين گهر ۽ جانور ٻڏي ويا ۽ ٻوڏ واري پاڻي سان سڄي ملڪ ۾ پاڻي سان پيدا ٿيندڙ بيماريون پکڙجي ويون. هن چيو ته سندس حڪومت ٻوڏ متاثرين جي امداد ۽ بحالي جي لاءِ گهٽ وسيلن سان 100 ارب رپيا خرچ ڪيا آهن، اسان دوست ملڪن بشمول سعودي عرب، نار ملڪن، برطانيا، آمريڪا ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن جا ٿورائتا آهيون جن مشڪل وقت ۾ تعاون ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي معيشت کي ٻوڏ جي ڪري 30 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو ۽ پوءِ هن جنيوا ۽ ٻين جاين تي عالمي ادارن سان رابطو ڪيو ۽ قدرتي آفت جي ڪري مهانگي اگهن تي قرض وٺڻا پيا جيڪا ان جي غلطي نه هئي. هن چيو ته اسان جي ملڪ کي اهڙي طرح سان نشانو بڻايو ويو جيڪو مون پنهنجي زندگي ۾ ڏٺو هو. هن پاڪستا?? کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي عزم جي اظهار جي لاءِ پنهنجي خ??ند??ن جو مثال ڏنو. هن چيو ته سندس والد ۽ ان جو ڀاءُ گڏيل هندستان ۾ هڪ غريب آبادگار جا پٽ هئا ۽ اهي ورڇ جي وقت لاهور پاڪستان هجرت ڪري ويا هئا، سخت محنت سان 1965ع ۾ انهن جي والد ۽ خ??ند??ن پاڪستان ۾ اسٽيل انجنيئرنگ جي سڀ کان وڏي ڪمپني قا??م ڪئي پر 2 جنوري 1972ع کان ا?? کي نيشنلائيز ڪيو ويو. هن چيو ته سندس خ??ند??ن چئلينج قبول ڪيو ۽ 18 مهينن ۾ وري هڪ ٻي ڪمپني قا??م ڪري ڇڏي، وڌيڪ نيشنلائيز ٿيڻ کان بچڻ جي لاءِ ڇهه نيون فيڪٽريون هنيون. هن چيو ته موجوده چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته هن سال جي شروع ۾ ملڪ جون واڳون سنڀالڻ کانپوءِ هو معامل?? کي ترتيب ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پاڪستا?? کي درپيش مسئلن بابت ڳاله?? ڪندي هن چيو ته بجلي جي وڏي پئماني تي چوري جي ڪري پاور سيڪٽر تباهي جو شڪار آهي ۽ اشرافيه جو ڪلچر انهن ماڻهن سان ملي رهيو آهي جيڪي ان جا مستحق نه آهن.
هن ٻڌايو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايجنسين کان قا??ل اعتماد موٽ ملڻ کانپوءِ هن اعليٰ سطح جي آفيسر?? کي هٽايو جيڪي بهترين ڪم نه ڪري رهيا هئا ۽ انهن جو رڪارڊ صحيح نه هو، اسان جو روينيو سيڪٽر زبون حالي جو شڪار آهي ۽ جيڪو اسا?? کي ساليانو روينيو ۾ ملي ٿو اسان سسٽم ۾ ليڪيج جي ڪري چنئوڻ تي نقصان کڻون ٿا، جيستائين اسان خامي?? کي ختم ن?? ڪنداسين اسان روينيو جي وصولي ۾ پنهنجي مسئلن کان بچي نه سگهنداسين. هن چيو ته مهانگائي ۽ قرضن جي ڄار جا مسئلا به آهن جيڪي ”موت جو ڄار“ آهن. هن چيو ته آئون معاشي چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ پاڪستان جي لاءِ سعودي قيادت جي حمايت کي دل سان تسليم ڪريان ٿو. هن ماضي ۾ صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ پاڪستان جي لاءِ ش??ند??ر تعاون تي برطانيا جي عالمي ترقي واري اداري کي ساراهيو. هن چيو ته سندس حڪومت ٺوس ڍانچاجاتي سڌارن ۽ بامعنيٰ ڪفايت شعاري تي ڪم ڪري رهي آهي، لکين نوجوان جيڪي نه رڳو هڪ چئلينج آهن پر هڪ بهترين موقعو به آهن، نوجوان اسان جو سڀ کان وڏو اثاثو آهن ۽ اسا?? کي انه?? کي جديد اوزارن ۽ ٽيڪنالاجي فراهم ڪرڻي آهي جنهن ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تعليم ۽ مصنوعي ذهانت ۽ پيشيواراڻي تربيت شامل آهي ته جيئن اهي پاڻ ڪمائيندڙ بڻجي سگهن ۽ ننڍي ۽ وچولي سائيز جا ڪاروبار قا??م ڪري سگهن ۽ قوم جي تعميري ڪوششن ۾ پنهنجو حصو وجهي سگهن. اقتصادي ترقي حاصل ڪرڻ جي پنهنجي هدفن بابت ڳالهائيندي هن چيو ته سندس حڪومت جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي ۽ آبادگار?? کي بهترين ٻج ۽ ڀاڻ فراهم ڪري زراعت کي فروغ ڏيندي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي آڏو هڪ تمام وڏو ڪم آهي ۽ اسا?? کي اعليٰ برآمدات تي ڌيان ۽ پنهنجي برآمد ڪندڙ?? کي ترغيب ڏيڻ آهي ۽ پنهنجي معدني وسيلن ۽ زرخيز زمي?? کي استعمال ڪرڻو آهي. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان محنت ۽ اڻٿڪ ڪوششن سان عالمي دنيا ۾ پنهنجو صحيح مقام حاصل ڪري سگهي ٿو.