اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سول??گي چيو آهي ته الحمدالله! اڄ ملڪ ۾ جمهوري عمل جاري آهي، پهرين ڏي??هن کان چئي رهيا هئاسين ته چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون، نگران حڪومت وقت سر چونڊون ڪرايون ۽ اڄ ملڪ ۾ نيون اسيمبليون وجود ۾ اچي چڪيون آهن، اميد آهي نئين حڪومت عوام جي اميدن ??ي پورو لهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارلياماني معاملن واري وزارت ۾ پنهنجي اعزاز ۾ منعقد الوداعي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سول??گي نگران حڪومت ??ي دور ۾ پارلياماني معاملن واري وزارت جي ڪارڪردگي ۽ تعاون کي ساراهيو. تقريب کي خطاب ڪندي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سول??گي چيو ته عوام جي شرڪت کانسواءِ جمهوريت ڪامياب نٿي ٿي سگهي. هن چيو ته اميد آهي نئين حڪومت عوام جي اميدن ??ي پورو لهندي. مرتضيٰ سول??گي چيو ته پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير جي حيثيت سان پارليامينٽ جي اجلاسن ۾ شرڪت منهنجي لاءِ اعزاز جو سبب آهي، آئون پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ سمورين سياسي پارٽين جا به ٿورا مڃان ٿو جن نگران حڪومت ??ي دور ۾ مون سان تعاون ڪيو. ان موقعي ??ي پارلياماني معاملن واري وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ سينيئر جوائنٽ سيڪريٽري نگران دور ۾ پارلياماني معاملن واري وزارت جي ڪارڪردگي ۽ قدمن کان آگاهه ڪيو. تقريب جي آخر ۾ نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سول??گي سڀني سان ملاقات ڪئي.