اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ايڊوائيس تي 19 وزيرن جي مقرري ڪ??ي ڇڏي آهي جن ۾ 18 وفاقي وزير جڏهن ته هڪ مملڪتي وزير هوندي. ڪابينا ڊويزن ??ار??ن جاري نوٽيفڪيشن موجب صدر آصف علي زرداري آئين جي آرٽيڪل 92 جي شق هڪ تحت مليل اختيار استعمال ??ندي وزيراعظم شهباز شريف جي ايڊوائيس تي 13 وفاقي وزيرن جي مقرري ڪ??ي آهي. انهن وفاقي وزيرن ۾ خواجه محمد آصف، احسن اقبال، راڻا تنوير حسين، اعظم نذير تارڙ، چوڌري سالڪ حسين، عبدالعليم خ??ن، ڄام ڪمال خان، انجنيئر امير مقام، سردار اويس احمد خان لغاري، عطاءُ الله تارڙ، خالد مقبول صديقي، قيصر احمد شيخ ۽ ميان رياض حسين پيرزاده شامل آهن. صدر آئين جي آرٽيڪل 92 جي شق (1) تحت مليل اختيارن کي استعمال ??ندي وزيراعظم جي ايڊوائيس تي سينيٽر اسحاق ڊار ۽ سينيٽر مصدق ملڪ جن جي 12 مارچ 2024ع تي سينيٽ آف پاڪستان جي ميمبرشپ ختم ٿي ويندي، آئين جي آرٽيڪل 91 جي شق (9) تحت انهن جي بطور وفاقي وزير مقرري ڪ??ي ڇڏي آهي. صدر آرٽيڪل 92 جي شق (1) جنهن کي آرٽيڪل 91 جي شق (9) سان گڏ پڙهيو وڃي، تحت محمد اورنگزيب، احد چيما ۽ سيد محسن رضا نقوي کي پڻ وفاقي وزير مقرر ڪري ڇڏيو آهي. صدر آئين جي آرٽيڪل 92 جي شق (1) تحت مليل اختيارن کي استعمال ??ندي وزيراعظم جي ايڊوائيس تي شيزه فاطمه خواجه کي مملڪتي وزير مقرر ڪري ڇڏيو آهي. انهن سمورن وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزير کان 11 مارچ تي صدر آصف علي زرداري حلف ورتو.