اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان جي 14 هين صدر جي حيثيت سان حلف کڻڻ کانپوءِ صدر آصف ع??ي زرداري کي ايوان صدر ۾ گارڊ آف آنر پيش ڪ??و ويو. قومي تراني کانپوءِ نئين چونڊيل صدر هٿياربند فوج جي دستي پاران پيش ڪيل گارڊ آف آ??ر جو معائنو ڪيو. بعد ۾ صدر آصف ع??ي زرداري ايوان صدر جي آفيسرن ۽ عملي سان هٿ ملايو. آچر ڏينهن چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ صدر آصف ع??ي زرداري کان سندس عهدي جو حلف ور??و هو.