اسلام آباد- 14 فيبروري (اي پي پي) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جي يو آءِ پنهنجو پارلياماني ڪردار ادا ڪندي، اسان پارليامينٽ ۾ پنهنجي پارلياماني حيثيت سان وينداسين ۽ پنهنجو آواز بلند ڪنداسين، اسان ??سيمبليون نه ڇڏي رهيا آهيون. جي يو آءِ (ف) جي مرڪزي مجلس عامله کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان پنهنجو مؤقف ڏئي رهيا آهيون، منهنجو بيان مرڪزي مجلس عامله جو بيان ??هي. مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان ڪنهن به پارٽيءَ سان ??تحاد ?? ناهيون. هن چيو ته اسان ??ا خدشا آهن پر اسان ??هڙي ڪا ڳالهه ناهي ڪئي ته اسان ??سيمبليون ڇڏي رهيا آهيون، اسيمبلين ۽ چونڊ نتيجن بابت اسان ??و مؤقف واضح طور تي اچي ويو آهي ان ??ي ڪو ابهام ناهي. هن چيو ته مرڪزي مجلس عامله جي يو آءِ جي مرڪزي مجلس عمومي کي سفارش ڪئي آ??ي ته اها جمعيت جي پارلياماني سياست جي باري ۾ فيصلو ڪري، ان ??لسلي ۾ چئني صوبائي مجلس عمومي جا اجلاس صوبن جي مرڪزي هنڌن تي سڏايا ويندا ته جيئن مرڪزي مجلس عامله جي فيصلن جي باري ۾ صوبن کي به اعتماد ?? وٺي سگهجي. هن چيو ته اسان 22 فيبروريءَ تي اسلام آباد ??، 25 فيبروري تي بلوچستان ۾ پنهنجي صوبائي جنرل ڪائونسل سان، 27 فيبروري تي اسان ڪي پي ڪي خاص طور تي فاٽا ۾ جنرل ڪائونسل سان، 3 مارچ تي اسان ڪراچي ۾ سنڌ صوبي جي جنرل ڪائونسل سان ۽ 5 مارچ تي لاهور ۾ پنجاب جي جنرل ڪائونسل سان ملاقاتون ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پي ٽ?? آءِ سان ??سان ??ا اختلاف ڪنهن کان لِڪل ناهن پر ايوان ??ه سڀني جو هوندو آهي. هن چيو ته جي يو آءِ هڪ نظرياتي قوت آهي، ملڪ جي داخلي نظام ۽ عالمي مسئلن تي ڪنهن مصلحت يا سمجهوتي جو شڪار نه ٿيندي ۽ وسيع مشاورت ڪئي ويندي، اسان ??فغانستان ۾ امارات اسلاميه جي استحڪام ۽ پاڪستان ??فغانستان ??ي پُرامن لاڳاپن جي حوالي سان ڪردار ادا ڪيو آهي. جي يو آءِ اسرائيل جي رياستي دهشتگردي خلاف فلسطينين جي مؤقف جي حمايت ڪئي آ??ي. ان موقعي تي سينيٽر عبدالغفور حيدري، اڪرم خان ??راني ۽ ٻيا به موجود هئا.