اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته روس ۽ چين سميت خطي جا سمورا ملڪ افغانستان ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام چاهين ٿا. ”طلوع نيوز“ کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ هن چيو ته افغانستان کي تسليم ڪرڻ جي لاءِ علائقائي اتفاق راءِ جي ضرورت آهي. هن چيو ته جيستائين سمورا خطا ۽ دنيا جا ٻيا ملڪ افغانستان جي موجوده حڪومت کي تسليم نه ٿا ڪن پاڪ??تا?? ان حوالي سان هڪ قدم پڻ اڳتي نه وڌندو. هن چيو ته آئون ذاتي طور تي يقين رکان ٿو ته خطي جا سمورا ملڪ چاهين ٿا ته افغانستان حڪومت کي تسليم ڪيو وڃي، جڏهن ته آئون صحيح وقت بابت ڳالهه نه ٿو ڪري سگهان پر علائقائي ملڪ ان ڳالهه کي سمجهي چڪا آهن، مون کي يقين آهي ته وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ان کي تسليم ڪرڻ جو مسئلو حل ٿي ويندو. نگر??ن وزيراعظم چيو ته ڊيورنڊ لائين افغانستان ۽ پاڪ??تا?? جي وچ ۾ عالمي سطح تي مڃيل سرحد آهي، گڏيل قومون ۽ 206 ملڪن ان کي عالمي سرحد جي طور تي منظور ڪيو آهي ۽ افغان عوام ان بابت ڇا ٿي چوي اهو ان جو اندروني بحث آهي، جنهن سان مون کي ڪا دلچسپي نه آهي. هن چيو ته تحريڪ طالبان پاڪ??تا?? (ٽي ٽي پي) کي افغانستان جي ڪجهه صوبن ۾ پناهگاهون حاصل آهن ۽ ان مسئلي جي ڪري پاڪستن ۾ سيڪيورٽي جو مسئلو پيدا ٿيو آهي. نگر??ن وزيراعظم چيو ته جڏهن منهنجا ماڻهو توهان جي سرزمين تي اچن ٿا ۽ ان جو استعمال ۽ ان تي ٽريننگ ڪن ۽ پوءِ اچي منهنجي قوم کي نقصان پهچائين، ته آئون توهان کي اهو ضرور چوندس ته منهنجو ناخوشگوار ڀاءُ توهان جي سرزمين تي آهي، ڀلي توهان جي اجازت سان هجي يا نه هجي، پنهنجي سرزمين تان بيدخل ڪري ڇڏڻ گهرجي. نگر??ن وزيراعظم چيو ته اهو پاڪ??تا?? جو موقف آهي ۽ اسان افغان حڪومت تي انهن ماڻهن کي ڄاڻي واڻي پناهه ڏيڻ جو الزام نه لڳايو. هن چيو ته ڪنهن به ملڪ کي افغانستان جي خلاف پاڪ??تا?? جون فضائي حدون استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.