اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته 5 جنوري ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خو??مخ??ياري جي ڏينهن طور ملهايو ويو. 1949ع ۾ ان ڏينهن گڏيل قومن جي هندستان ۽ پاڪستان بابت ڪ??يش?? (يو اين سي آئي پي) ان ڳالهه جي ضمانت ڏني هئي ته ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آزاداڻو ۽ منصفاڻو ريفرنڊم ڪرايو ويندو ته جيئن ڪشميري عوام پنهنجي خو??مخ??ياري جو حق استعمال ڪ??ي سگهي. ترجمان چيو ته خو??مخ??ياري جو حق عالمي قانون جو هڪ بنيادي اصول آهي، هر سال گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي هڪ قرارداد منظور ڪري ٿي جيڪا ماڻهن کي پنهنجي تقدير پاڻ طئي ڪرڻ جڪي قانوني حق ج?? توثيق ڪري ٿي، اهو غيرملڪي قبضي تحت ماڻهن جي خو??مخ??ياري جو حق حاصل ڪ??ڻ جي لاءِ غيرواضح حمايت جو اظهار ڪري ٿو. هن چيو ته ڀارت 70 سال کان وڌيڪ عرصي کان ڪشميرين کي انهن جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خو??مخ??ياري جي حق کان محروم رکيو آهي. ترجمان ڀارت تي زور ڏنو ته هو پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي حقن ۽ آزادي جو احترام ڪري ته جيئن ڪشميري عوام گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب پنهنجي خو??مخ??ياري جو هق استعمال ڪ??ي سگهي. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.