اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ زراعت کي هيٺئين سطح تي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ اهم قرار ڏيندي ايس آئي ايف سي تحت مختلف سنگ ميل حاصل ڪرڻ تي وزارتن ۽ اد??رن جي گڏيل تعاون کي ساراهيو آهي ۽ مختلف قدمن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب قومي ڪ??ان ڪنوينشن اسلام آباد جي جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد ٿيو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ان موقعي تي خاص مهمان هو. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ان موقعي تي اعزازي مهمان هو. تقريب ۾ نگران وفاقي وزيرن، زرعي ماهرن ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. نگران وزيراعظم ايس آئي ايف سي تحت مختلف سنگ ميل حاصل ڪرڻ تي وزارتن ۽ اد??رن جي گڏيل تعاون کي ساراهيو ۽ مختلف قدمن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ ??يو ته زراعت هيٺئين سطح تي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي ٿي. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير خطاب ڪندي زور ڏنو ته آبادگار ا??ان جي زرعي شعبي جي ڪرنگهي جي هڏي آهن. اهو توهان جي اڻٿڪ محنت، لگن ۽ عزم آهي جيڪو لکين پاڪستانين جي لاءِ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. پوري قوم ۽ ا??ان توهان تي فخر ڪريون ٿا. هن ??يو ته موسمياتي تبديلي ۽ پاڻي جي کوٽ اهڙيون حقيقتون آهن جيڪي پاڪستان جي غذائي تحفظ جي لاءِ چئلينج آهن، ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ حڪومت ۽ عوام ۾ ويجهي تعاون جي ضرورت آهي جيئن ايس آئي ايف سي تحت ڪيو پيو وڃي. هن ??يو ته پاڪستان تمام گهڻي صلاحيتن ۽ وسيلن ??ان مالامال آهي. ا??ان گڏجي الله جي فضل ??ان هن مشڪل وقت مان نڪري وينداسين ۽ هر شعبي ۾ پنهنجا هدف حاصل ڪنداسين، ايس آئي ايف سي جي سمورن قدمن ??ان پاڪستان کي معاشي بحران مان نڪرڻ ۾ مدد ملندي. ا??ان متحد ۽ پرعزم قوم طور پاڪستان کي هڪ ترقي پسند ۽ خوشحال مستقبل طرف وٺي وينداسين.