اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي جنهن ۾ ٻن??ي اڳ??اڻ?? بلوچ مظاهرين جي خلاف پوليس جي غيرمناسب سلوڪ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. صدر سان بلوچستان جي گورنر ملڪ عبدالولي خان ڪاڪڙ پڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ صوبي جي مجموعي صورتحال، بلوچ مظاهرين تي پوليس جي تشدد تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي وچ ۾ ٿيندڙ ٽيليفونڪ رابطي ۾ ٻن??ي اڳ??اڻ?? جو چوڻ هو ته پوليس کي مظاهرين جي خلاف سختي سان پيش اچڻ نه گهرجي ها. نگران وزيراعظم چيو ته گرفتاري مظاهرين کي ذاتي مچلڪن تي آزاد ڪري رهيا آهيون. بعد ۾ صدر سان بلوچستان جي گورنر ملڪ عبدالولي خان ڪاڪڙ پڻ ملاقات ڪئي. جنهن ۾ بلوچستان جي گورنر چيو ته پوليس کي مظاهرين سان تحمل ۽ ه??در??يءَ سان پيش اچڻ گهرجي، ملاقات ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ويو ته پوليس کي حدن ۽ اختيارن کان تجاوز نه ڪرڻ گهرجي ها. بلوچستان جي گورنر چيو ته پوليس احتجاج ڪندڙن کي فوري آزاد ڪري. ٻن??ي اڳ??اڻ?? بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو.