اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته ازبڪستان جي نائب وزيراعظم ڊاڪٽر جمشيد خدجائيف عبدوخاڪو مووچ ۽ صنعت ۽ واپار واري وقتي افغان وزير نورالدين عز??زي واپار بابت پهرين پاڪستان – افغانستان – ازبڪستان ٽه ڌريي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ هلندڙ هفتي جي شروع ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت واپار ۽ صن??ت واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز ڪئي. ڳالهه ٻولهه جو محور واپاري رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ، ڪسٽم جي طريقيڪار کي هموار ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ کي آسان بڻائن جي ذريعي واپاري لاڳاپن جو فروغ رهيو. ترجمان چيو ته واپار واري نگان وفاقي وزير گوهر اعجاز اميد ظاهر ڪئي ته ٽه ڌريو تعاون ٽنهي ??لڪن ۾ اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيندو. ازبڪستان جي نائب وزيراعظم اسلام آباد ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، واپار ۽ صن??ت واري وزير، ناڻي ۽ اقتصادي معاملن واري وزير، مواصلات ۽ ريلويز واري وزير، منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وزير ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وزير سان ملاقات ڪئي. انهن ملاقاتن جو محور واپار، رابطي، زراعت، ٽرانسپورٽ ۽ دفاع ۾ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ هو. ترجمان چيو ته افغانستان جي صنعت ۽ واپار واري وقتي وزير دوري دوران نگران پرڏيهي ??زير جليل عباس جيلاني سان ملاقات ڪئي. نگران پرڏيهي ??زير افغانستان سان لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عز?? جو ورجاءُ ڪي?? ۽ ??لائقائي انضمام جي لاءِ واپار ۽ رابطن ۾ اضافي جي امڪانن کي اجاگر ڪيو. ترجمان چيو ته سلامتي ۽ ترقي جي وچ ۾ تعلق تي زور ڏيندي نگران پرڏيهي ??زير افغانستان پاران دهشتگرد گروهن خاص طور تي ٽي ٽي پي جي خلاف ٺوس ڪارروائي تي زور ڏنو. هن ان مقصد جي لاءِ عبوري افغان حڪومت سان تعاون جي لاءِ پاڪستان جي راضپي جو پڻ اظهار ڪي?? ۽ ??عميري ڳالهه ٻولهه ذريعي پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ مسئلن جي حل لاءِ پاڪستان جي عز?? جو ورجاءُ ڪيو.