اسلام آباد-26 آڪٽوبر(اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي ا??پي??ر راجا پرويز اشف چيو آهي ته ڪشمير مسئلو پاڪ ۽ هند ورهاست جي اڻمڪمل ايجنڊا آهي ۽ خطي ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ ڪشمير مسئلي جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ضروري آهي، پاڪستان هميشه علائقائي ۽ عالمي فورمز تي ڪشمير جي منصفاڻي حل لاءِ آواز بلند ڪيو آهي. ا??پي??ر ڪشميري عوام سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندي پاڪستان جو ڪشميري عوام سان علائقائي ۽ـ عالمي فورمز تي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکڻ جي پُختي عزم کي دُهرايو. اهڙو اظهار هن يومِ سياهه ڪشمير جي موقعي تي جيڪو هر سال 27 آڪٽوبر تي ملهايو وڃ?? ٿو. ا??پي??ر چيو ته اڄ جو ڏينهن هن ڏکوئيندڙ واقعي جي ياد تازا ڪندو آهي جڏهن 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارتي حڪومت پنهنجون فوجون ڪشمير جي سرزمين ??ي لاهي غاصباڻو قبضو ڪيو. هن چيو ته ڀارتي فوج والاريل ڪشمير جي هٿين ??الي عوام تي انسانيت سوز ظلم ڪيا جنهن جي تاريخ ۾ ڪو مثال نٿو ملي. هن چيو ته گذريل 7 ڏهاڪن کان والاريل ڪشمير جي عوام کي بدترين ??ياستي دهشتگرديءَ جو نشانو بڻايو وڃ?? پيو. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ بيگناهه ڪشميري نوجوانن جو هزارين قبرون ان ڳالهه جي تصديق ڪن ٿيون ته ڀارت والاريل ڪشمير کي ڪشميري عوام لاءِ قبرستان بڻائي رکيو آهي. هن چيو ته ڀارت جي ان ظلم ذريعي والاريل ڪشمير ۾ سَوين ??ورتن جي عصمت زري ۽ ڪشميري نوجوانن کي بيلٽ گنن ذريعي نور کان محروم ڪرڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي. هن چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي والايل ڪشمير جي جاگرافيائي حيثيت کي تبديل ڪري عالمي قانونن جي خلاف ورزي ڪئي آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ والاريل ڪشمير کي ڪشميري عوام لاءِ دنيا جي سڀ کان وڏو اوپن جيل بڻايو ويو آهي. ا??پي??ر ڀارت جي غاصباڻي قبضي خلاف ۽ خوداراديت واري حق جي حاصلات لاءِ ڪشميري عوام جي بي مثال قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته گذريل 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ڪشميري عوام لازوال قربانيون پيش ڪيون آهن جن جو دنيا ۾ ڪوبه مثال نٿو ملي. هن تحريڪ آزادي ڪشمير جي هيروز سيد علي گيلاني، مقبول بٽ، برهان واني، ياسين ملڪ سميت ڪشمير تحريڪ جي ٻين ??ريت ا??وا??ن جي جدوجهد ۽ـ قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته تحريڪ آزادي ڪشمير جي هيروز جي جدوجهد جي تاريخ ۾ هميشه سونهري اکرن سان لکيو ويندو. ا??پي??ر چيو ته ڀارت ۽ اسرائيل ڪشمير ۽ فلسطين ۾ جنگي ڏوهي ثابت ٿي رهيا آهن ۽ـ انهن جا جنگي عزم سڄي دنيا آڏو ظاهر ٿي چڪا آهن. هن چيو ته فلسطين ۽ـ ڪشمير مسئلن کي حل ڪرڻ کانسواءِ دنيا ۾ پائيدار امن جو قيام ممڪن نٿو ٿي سگهي. هن گڏيل قومن کي والاريل ڪشمير ۽ فلسطين ۾ ٿيندڙ سنگين ??نساني حقن جي پائمالين ??و نوٽيس وٺڻ ۽ ڪشمير مسئلي کي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن مطابق حل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪردار ادا ڪرڻ جو چيو. هن والاريل ڪشمير ۽ فلسطين ??ي اخلاقي سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ ۽ ان تڪرار کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ لاءِ هر ممڪن آواز اُٿاريندا رهنداسين.