اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي ڄمون ۽ ڪش??ير بابت خصوصي نمائندي يو??ف ايم الدوبي چيو آهي ته او آءِ سي ڪش??يرين جي خودمختياري جي حق جي لاءِ انهن جي حمايت جاري رکندي، ڀارت پنهنجي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير جي حيثيت کي تبديل ڪرڻ بابت 5 آگسٽ 2019ع جا غيرقانوني ۽ هڪطرفا قدم واپس وٺي ۽ ڪش??يرين کي انهن جي جائز ۽ منصفاڻي خودمختياري جي حق سميت انهن جا حق ڏي. پرڏيهي وزارت ۾ پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سجاد قاضي سان گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ او آءِ سي جي خصوصي نمائندي چيو ته سندس پاڪستان جي دوري جو مقصد ڪش??ير مسئلي بابت مڪمل آگاهي حاصل ڪرڻ آهي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪش??ير او آءِ سي جي پليٽ فارم تي هڪ پراڻي ايجنڊا آهي، اسلامي تعاون تنظيم وقت بوقت ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ انساني حقن جي صورتحال جي شديد مذمت ڪئي آهي، او آءِ سي ۾ ڄمون ۽ ڪش??ير جي مسئلي تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ٿو، او آءِ سي ڪش??يرين جي خودمختياري جي حق لاءِ انهن جي حمايت جاري رکندي. او آءِ سي جو خصوصي نمائندو هن وقت پاڪستان جي دوري تي آهي ۽ هو آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جو دورو پڻ ڪندو ته جيئن هو ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ انساني حقن ۽ انساني صورتحال جو جائزو وٺي سگهي. هن چيو ته سندس آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جو تجويز ڪيل دورو هن سال ڊسمبر ۾ گيمب??ا ۾ ٿيندڙ 15 هين اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) سربراهي ڪانفرنس کان اڳ والاريل ڪش??ير جي حقيقتن ۽ زم??ني صورتحال بابت معلومات حاصل ڪرڻ آهي. او آءِ سي جي ڄمون ۽ ڪش??ير بابت خصوصي نمائندي 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدمن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو جنهن ڪش??يرين کي اقليت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. او آءِ سي جي خصوصي نمائندي ياد ڏياريو ته ڄمون ۽ ڪش??ير تي او آءِ سي رابطا گروپ جو سيپٽمبر ۾ نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي پنهنجي اجلاس ۾ ڄمون ۽ ڪش??ير جي عوام جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو هو. هن چيو ته اجلاس ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ ماڻهن جي بنيادي حقن ۽ آزادي تي مسلسل پابندين تي پڻ گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. او آءِ سي جي خصوصي نمائندي ڄمون ۽ ڪش??ير جي مسئلي کي عالمي فورمز تي اجاگر ڪرڻ تي پاڪستان حڪومت کي ساراهيو ۽ او آءِ سي جي ان مقصد جي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سجاد قاضي چيو ته او آءِ سي جي خصوصي نمائندي سان ملاقات ۾ ڄمون ۽ ڪش??ير جي تڪرار ۽ والاريل علائقي ۾ ڀارت پاران انساني حقن جي جاري خلاف ورزين تي ٺوس ڳالهه ٻولهه تي ڌيان ڏنو ويو. هن چيو ته او آءِ سي جو ايلچي لائين آف ڪنٽرل (ايل او سي) جو دورو ڪندو جتي هو زم??ني صورتحال تي بريفنگ وڍندو. هن چيو ته هو ڪش??يري نمائندن سان پڻ ملاقات ڪندو ته جيئن هو والاريل علائقي ۾ ڪش??يرين جي خراب حالت بابت آگاهي حاصل ڪري سگهي. پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته او آءِ سي جي ڄمون ۽ ڪش??ير بابت خصوصي نمائندي کي هڪ اهم ذميواري ڏني وئي آهي، هو او آءِ سي جنرل سيڪريٽريٽ، آزاد مستقل انساني حقن واري ڪميشن (آئي پي ايڇ آر سي) ۽ اسلامي ترقياتي بئنڪ، ڄمون ۽ ڪش??ير تي او آءِ سي رابطا گروپ، او آءِ سي جي وسيع تر ميمبرشپ، ٻين علائقائي ۽ عالمي تنظيمن ۽ عالمي برادري سان ڄمون ۽ ڪش??ير جي تڪرار بابت معاملن تي او آءِ سي جي مڪينزم سان گڏ هڪ اهم پل طور ڪم ڪري ٿو. هن چيو ته ڪش??يري عوام جي بنيادي حقن ۽ آزادين تي پابنديون برقرار آهن. هن چيو ته پوري حريت سياسي قيادت ۽ ڪش??يري عوام جو حقيقي آواز گذريل ڪيترن ئي سالن کان غيرقانوني طور تي نظربند آهي، گرفتار سياسي ڪارڪنن ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن جو مجموعي انگ چار هزار آهي. پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته ڀارتي عملدارن عدالت کان ناليواري ڪش??يري اڳواڻ ياسين ملڪ جي لاءِ موت جي سزا جو مطالبو ڪيو آهي جنهن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي، هڪ ٻئي ڪش??يري اڳواڻ شبير احمد شاهه پنهنجي 70 سال جي اڌ کان وڌيڪ زندگي جيلن ۾ گذاري آهي. پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سجاد قاضي چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن والاريل علائقي ۾ ڏاڍ جو هڪ نئون باب کولي ڇڏيو آهي، انهن قدمن جو اصل مقصد ڪش??يرين کي انهن جي پنهنجي سرزمين ۾ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي. هن ڄمون ۽ ڪش??ير تڪرار جي پائيدار حل بابت او آءِ سي جي قراردادن جي ذريعي ڪش??يري عوام جي ڀرپور حمايت تي او آءِ سي جا پاڪستان پاران ٿورا مڃيا. پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته موجوده ڀارتي حڪومت ڪش??يرين تي ظلم جا پهاڙ ٽوڙي رهي آهي، ڪش??يرين کي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق ملڻ گهرجي. او آءِ سي جو خصوصي نمائندو يو??ف ايم الدوبي ڄمون ۽ ڪش??ير تي او آءِ سي پلان آف ايڪشن تحت پاڪستان ۽ آزاد ڪش??ير جو دورو ڪري رهيو آهي.