لاهور – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفا??ي وزير مرتضيٰ سولنگي ريڊيو پاڪستان لاهور آفيس جو دورو ڪيو. اسٽ??شن ڊائريڪٽر ??اويد اختر ۽ ناليواري اداڪار خالد عباس ڊار وفا??ي وزير جو استقبال ڪيو ۽ گلدستو پيش ڪيو. اطلاعات واري وفا??ي وزير ريڊيو جي عمارت ۾ قديم ترين ورثي جون شيون ڏٺيون ۽ انهن جو جائزو ورتو جڏهن ته پراڻو پيانو وڄائي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. وفا??ي وزير ريڊيو آفيس جي مختلف حصن بشمول ميوزڪ لائبريري، پوڊ ڪاسٽ اسٽوڊيو، نيوز اينڊ ڪرنٽ افيئرز چينل جو دورو ڪيو ۽ نيوز اينڊ ڪرنٽ افيئرز لاهور ان سائيٽ پروگرام ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار پڻ ڪيو. هن ريڊيو اسٽاف جا مسئلا پڻ ٻڌا ۽ پراڻي مسئلن تي ٺوس بريفنگ پيش ڪرڻ جي هدا??ت ڪئي ۽ انهن شڪايتن کي ختم ڪرڻ جي خاطري پڻ ڪرائي. ريڊيو اسٽ??شن جي ڊائريڪٽر ??اويد اختر وفا??ي وزير کي ريڊيو پاڪستان جي ڪم بابت بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته ريڊيو پاڪستان لاهور جي لابي ۾ تاريخي گلوڪارن ۽ فنڪارن جون تصويرون پڻ لڳل آهن.