اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته ملڪي سطح تي سڀني ٻو??ين جون ادبي ڪانفرنسون ۽ مشاعرا ٿيڻ گهرجن، شاعر قوم جا امين هوندا آهن ۽ اهي پنهنجي جذبن سان ڌرتي سان وفا جو ??چن ورجائيندا آهن ۽ محبت جو اظهار ڪندا آهن. جڏهن ته قومي ورثي ۽ ثقافت واري ڊويزن جي نگران وفاقي وزير جمال شاهه چيو آهي ته شاعر، اديب، فنڪار دلين جا سخ?? هوندا آهن، اهي پنهنجي لفظن سان پيار جو اظهار ڪندا آهن، ملڪ ۾ ڪجهه وقت اڳ ج??ڪا صورتحال ٿي جيئن شهيدن جي مجسمن کي ٽوڙي جهالت جو ??ظاهرو ڪيو ويو ان جي آڏو بند رڳو ادب جي وسيلي ئي ٻڌجي سگهجي ٿو. نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس اسلام آباد ۾ ٿيل مشاعري ۾ ملڪ جي ناميارن شاعرن شاعري ٻڌائي خوب داد حاصل ڪيو. مشاعري ۾ پروفيسر جليل عالي، ڊاڪٽر انعام الحق جاويد، من??ر نقوي، سرواڻ سنڌي، ڊاڪٽر شازيه اڪبر، قيوم طاهر، علي اڪبر عباس، انجم سليمي، وفا چشتي، اقبال حسين افڪار، شڪور احسن، محمد عمران ۽ ٻين شاعري پيش ڪري خوب داد حاصل ڪيو. مشاعري جي خاص مهمان تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو ته ڪنهن به ملڪ ۾ ادب ۽ فن وڏي حيثيت رکي ٿو ۽ شاعر ۽ اديب معاشري جا نبض شناس هوندا آهن. هن چيو ته هن وقت هڪ ئي جاءِ تي سڀني ٻو??ين جي شاعرن کي ڏسي ۽ ٻڌي تمام گهڻي خوشي ٿي. هن چيو ته سنڌي جي شاعري به شامل هئي ج??ڪا خوشي جي ڳالهه آهي ته هڪ ئي اسٽيج تي سڄي ملڪ جي سمورين ٻو??ين کي نمائندگي ڏني وئي آهي ۽ اهو سلسلو هاڻي جاري رهڻ گهرجي. اڳتي ادبي ڪانفرنسون گهرايون وڃن ۽ انهن ۾ پڻ سڀني ٻو??ين کي نمائندگي ڏني وڃي. جڏهن ته قومي ورثي ۽ ثقافت واري ڊويزن جي نگران وفاقي وزير جمال شاهه چيو ته شاعر، اديب ۽ فنڪار سخ?? هوندا آهن ۽ احمد فراز پنهنجي شاعري ۾ شاعرن جي سخاوت جو ذڪر ڪيو آهي. ان موقعي تي جمال شاهه پشتو ۾ شاعري ۽ ان جو ترجمو ٻڌايو. جنهن کي حاضرين تمام گهڻو ساراهيو. جمال شاهه چيو ته اڪيڊمي ادبيات هڪ شاندار ڪم ڪيو آهي، سڀني ٻو??ين جي شاعرن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪيو آهي. هن چيو ته هر هڪ پنهنجي پنهنجي مورچي تي ملڪ جو دفاع ڪري رهيو آهي، شاعر شاعري وسيلي، سپاهي پنهنجي سرحدن تي آهن، استاد ٻارن جو ??ستقبل سنوارڻ سان ملڪ جو دفاع ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڪجهه وقت اڳ جيڪو ملڪ ۾ ٿيو اهو هڪ خراب سپنو آهي، جهڙي طرح شهيدن جي مجسمن کي ٽوڙي جهالت جو ??ظاهرو ڪيو ويو، ان جو ??ثال نه ٿو ملي. هن چيو ته اديب حساس هوندا آهن، اهي هر شيءَ کي محسوس ڪن ٿا. جڏهن ته ان موقعي تي اڪيڊمي ادبيات جي چيئرپرسن ڊاڪٽر نجيبه عارف سڀني شاعرن کي ڀليڪار چئي.