اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا وزيراعظم کي گذريل 15 مهينن دوران ملندڙ سمورن قيمتي تحفن جي شفاف انداز ۾ نيلامي جي ??نظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف انهن تحفن جي شفاف انداز ۾ نيلامي کانپوءِ ان مان ملندڙ رقم يتيم ۽ بي سهارا ٻارن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن کي عطيو ڪرڻ جي ??دايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. ڪابينا هزاره ايڪسپريس جي ??وابشاهه ويجهو حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي ??اءِ فاتحه خواني ڪئي. وزيراعظم ڪابينا جي سمورن ميمبرن جو گذريل 15 مهينن ۾ ملڪ جي بهتري جي ??اءِ ڏينهن رات محنت ۾ سندس ساٿ ڏيڻ تي ٿورا مڃيا. اجلاس ۾ ڪابينا سيڪريٽري ڪابينا کي 20 اپريل 2022ع کان 8 آگسٽ 2023ع تائين جي ڪارڪردگي جي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته گذريل 15 مهينن ۾ ڪابينا جا 53 اجلاس ٿيا، وفاقي ڪابينا مجموعي طور تي 1295 فيصلا ڪيا، 99 سيڪڙو فيصلن تي عملدرآمد ڪيو ويو. بيان موجب وفاقي ڪابينا واپار واري وزارت جي سفارش تي قومي ٽيرف ڪميشن جي ??يڪنيڪي ۽ غيرٽيڪنيڪي ميمبرن جي ??قرري، عبدالرشيد شيخ، نعيم انور، محمد اقبال تابش، احمد شيراز کي غيرٽيڪنيڪي ۽ عمران ضياءَ جي ??يڪنيڪي ميمبر طور مقرري جي ??ڻ منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا واپار واري وزارت جي ئي سفارش تي سلمان ايس مهدي جي اسٽيٽ لائيف انشورس ڪارپوريشن ۾ بطور چيئرمين بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي ??قرري جي ??نظوري ڏني. ڪابينا ناڻي واري وزارت جي سفارش تي سليم الله جي بطور نائب گ??رنر اسٽيٽ بئنڪ مقرري جي ??ڻ منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ??يش ڪيل قومي موسيقي پاليسي جي ??سودي جي ??نظوري ڏني. پاليسي تحت ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان جي ??وسيقي جي ??رثي جي تحفظ، موجوده دور جي ??وسيقي جي ترقي ۽ موسيقارن جي ??وسيقي چوري ٿيڻ جي خاتمي لاءِ قانوني ڍانچي جي اطلاق ۽ جديد ٽيڪنيڪي وسيلن کي استعمال ۾ آندو ويندو. وفاقي ڪابينا پيٽروليم واري وزارت جي سفارش تي آئل اينڊ گئس ڊيولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ جي ??ئنيجنگ ڊائريڪٽر/ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي ??قرري جي سمري تي تفصيلي مشاورت کانپوءِ اهو فيصلو ڪيو ته ان مقرري جي ??اءِ ٻيهر اشتهار ڏنو ويندو. وفاقي ڪابينا هوابازي واري وزارت جي سفارش تي قومي هوابازي پاليسي 2023ع جي ??نظوري ڏئي ڇڏي. ان پاليسي تحت ملڪ ۾ ان شعبي جي ترقي جي ??اءِ قدمن ۽ پاڪستان جي ??وائي اڏن تي مقامي ۽ عالمي مسافرن جي ??اءِ موجوده سهولتن ۾ بهتري آندي ويندي. وفاقي ڪابينا سيڙپڪاري بورڊ جي سفارش تي خصوصي سيڙپڪاري ڪائونسل جي ??ختلف ڪميٽين ۾ ميمبرن جي شموليت جي ??نظوري ڏني. انهن ترميمن تحت قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير ايپڪس ڪميٽي، اطلاعات نشريات واري وفاقي وزير ايپڪس ڪميٽي ?? ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ۽ پرڏيهي سيڪريٽري ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ۽ عملدرآمد ڪميٽي جا ميمبر هوندا. ان کانسواءِ وفاقي ڪابينا ڊاڪٽر محمد جهانزيب خان جي سيڪريٽري ايپڪس ڪميٽي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي طور تي مقرري جي ??نظوري ڏني. وڌيڪ اهو ته وفاقي ڪابينا خصوصي سيڙپڪاري سهولت جي سيڪريٽريٽ جي ??يام ۽ ج??يل احمد قريشي جي بطور سيڪريٽري/ پرنسپل اڪائونٽنگ آفيسر جي ??ڻ منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا ريلوي ڊويزن جي سفارش تي ارشد سليم خٽڪ جي بطور چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ريلوي اسٽيٽ ڊيولپمين?? اينڊ مارڪيٽنگ ڪمپني جي ??قرري جي ??نظوري ڏئي ڇڏي. بيان موجب وفاقي ڪابينا وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ??دايت تي گذريل 15 مهينن ۾ وزيراعظم کي ملندڙ سمورن قيمتي تحفن جي شفاف انداز ۾ نيلامي جي ??نظوري ڏني. وزيراعظم اها به هدايت ڪئي ته انهن تحفن جي شفاف انداز ۾ نيلامي کانپوءِ ان مان ملندڙ رقم کي پاڪستان ۾ موجود يتيم ۽ بي سهارا ٻارن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن کي عطيو ڪئي ويندي. ڪابينا اهو به فيصلو ڪيو ته نيلامي جي عمل ۾ عوام الناس حصو وٺي سگهندي. وفاقي ڪابينا 14 آگسٽ تي پاڪستان جي ??ختلف جيلن ۾ موجود قيدين جي سزا ۾ رعايت کي ٻيڻو ڪرڻ جي ??ڻ منظوري ڏني ۽ ان ڳالهه جي ??دايت ڪئي ته ان رعايت جو قانون موجب سمورين قيدين تي اطلاق هوندو. ڪابينا گهرو وزارت کي هدايت ڪئي ته جيلن ۾ قيدين جي ??اءِ بهتر سهولتون فراهم ڪيون وڃن. وفاقي ڪابينا پاور ڊويزن جي سفارش تي سولر پاليسي ۾ ترميمن جي ??نظوري ڏئي ڇڏي. انهن ترميمن جي ??اڳو ٿيڻ کانپوءِ حڪومت جي سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن ۽ حڪومت جي ??لڪ گير 10 هزار ميگاواٽ سولرائيزيشن جي ??نصوبي تي تيزي سان عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو. ڪابينا کي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران حڪومتي ڪارڪردگي ۽ وزيراعظم جي 488 ڏينهن تي ٻڌل وزارت عظميٰ تي ٻه ڪتاب پيش ڪيا ويا. وفاقي ڪابينا توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جي 7 آگسٽ 2023ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 26 جولاءِ، 7 آگسٽ ۽ 8 آگسٽ 2023ع تي ٿيندڙ اجلاسن ۾ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. وفاقي ڪابينا بين الحڪومتي واپاري ڏيتي ليتي بابت ڪابينا ڪميٽي جي 3 آگسٽ 2023ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي جي 7 آگسٽ 2023ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي ??ڻ توثيق ڪئي.