اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ملائيشيا سان واپار، معيشت، تعل??م ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ چاهي ٿو، ملائيشيا جي واپارين کي پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسين ما?? فائدو کڻڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ملائيشيا ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر سيد احسن رضا شاهه سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ملائيشيا سان پنهنجي تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ملائيشيا سان واپاري ۽ اق??صادي تعاون جا نوان موقعا ڳوليا وڃن. صدر نامزد هاءِ ڪمشنر تي زور ڏنو ته هو ملائيشيا جي واپاري برادري، چيمبر آف ڪامرس سان رابطن کي فروغ ڏي، گذريل سالن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جو خاطرخواهه اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي، ويليو ايڊيڊ شين جي ذريعي ملائيشيا کي پاڪستان جي درآمد وڌيڪ وڌائڻ جي ??اء?? ڪوششون ڪيون وڃن. هن چيو ته نامزد هاءِ ڪمشنر ملائيشيا ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي سهولت ۽ ڀلائي ??اء?? ڪم ڪري ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ??اء?? ڪوششون ڪري. صدر نامزد هاءِ ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته هو ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي ظلم ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين، ڀارت ۾ اقليتن سان اڻوڻندڙ سلوڪ کي اجاگر ڪرڻ جي ??اء?? به ڪم ڪري. صدر فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي سفارشن تي عملدرآمد ۾ پاڪستان جي مدد تي ملائيشيا جي حڪومت جا ٿورا مڃيا. صدر نامزد هاءِ ڪمشنر کي مقرري تي ??با??ڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.