اسلام آباد-22 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ ليبيا جي شهر بن غازي ۾ حراست ۾ پاڪستاني شهرين جي حوالي سان ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ چيو آهي ته پرڏيهي وزير جي هد??يت?? تي طرابلس ۾ پاڪستان جي ناظم الامور عاشق علي، بن غاني ۾ حراستي م??ڪز جو دورو ڪيو ۽ پاڪستا?? قيدين سان ملاقات ڪئي آهي. ترجمان ڇنڇر ڏينهن ان حوالي سان جاري بيان ۾ چيو ته قيدين کي خوراڪ ۽ بنيادي ضرورتون ف??اهم ڪيون ويون آهن. هن چيو ته اسان جو مشن معمول جي طبي ٽيم سان رابطي ۾ آهي. ترجمان چيو ته قيدين جي جلد واپسي لاءِ پاڪستان جو مشن آءِ او ايم سان به رابطي ۾ آهي.