اسلام آباد -01 جولاءِ (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عا??ف علوي هن اعتما?? جو اظهار ڪيو ته جيتوڻيڪ اوهان تاريخ جا باب کي ٻيهر نٿا لکي سگهو پر رواداري، اتحاد ۽ عظمت جا نوان باب ضرور لکي سگهو ٿا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صدر مملڪت پاڪستانين ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن کي عيد مبارڪ ڏيندي پاڪستاني عوام تي زور ڀريو آهي، ته هو پنجين وڏي ملڪ جي حيثيت سان جدوجهد ڪن ۽ دنيا ۾ پنهنجي حقيقي ڪردار ادا ڪن. صدر مملڪت چيو ته مان 30 سالن کان پوءِ پنهنجو ٻيو حج مڪمل ڪيو آهي. هن چيو ته مان بنيادي طور تي پياري پاڪستان ۽ ان جي عوام لاءِ دعاڳو آهيان. مان الله پاڪ کان دعا ڪيان ٿو ته هو اسان کي مصيبتن مان ڪڍڻ جو رستو فراهم ڪري، ترقي ۽ خوشحالي جي منزل اسان حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا. هو اسان کي عطا ڪري. الله پاڪ غفور رحيم منهنجي دعا ۽ التجا قبول فرمائي. جهڙي طرح رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم جن سڀني کي معاف ڪيو، ايستائين جو پنهنجي سڀ کان وڏن دشمنن کي به معاف ڪري ڇڏيو، اسان کي پڻ گهرجي ته اسان ان تي عمل ڪيون. ۽ ايئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون. مون به ا??ئن ئي ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي آهي. صدر عا??ف علوي چيو ته منهنجي سڀني کي گذارش آهي ته هو ڪنهن به ا??ڙي عمل لاءِ مون کي معاف ڪن جنهن سان ڪنهن کي تڪليف پ??تي هجي ۽ ڄاڻي واڻي يا اڻڄائي ۾ مون کان ڪا غلطي ٿي وئي هجي.