پيرس – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سدابهار اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ڀائيچارو سمورين وضاحتن کان مٿانهون آهي. هڪ ٽوئي?? ۾ ??ن چيو ته سندس چين جي وزيراعظم لي چيانگ سان ملاقات اسان جي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين ٻطر??ن لاڳاپن جي روح جي عي?? موجب هئي، گهڻ ٻطر??ن لاڳاپن جي موجوده صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪندي ??سان سدابهار اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي مضبوط ۽ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو، اسان سي پيڪ جي 10 سالا تقريبون ملهائڻ جو فيصلو پڻ ڪيو، اهو پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ??رقي جي لاءِ هڪ تبديلي جو منصوبو آهي. وزيراعظم چيو ته هن چين پاران پاڪستان جي لاءِ سفارتي ۽ اقتصادي ??مايت جاري رکڻ خاص طور تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ گروپ – 20 سياحتي اجلاس منعقد ڪرڻ جي موقعي تي چين جي اصولي موقف تي وزيراعظم لي چيانگ جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مضبوط ڀائيچارو سمورين وضاحتن کان مٿانهون آهي.