اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعب?? جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت قومي صحت، سروسز، ريگيوليشن ۽ ڪوآرڊينيشن واري وزارت جي 9 نئين ۽ 31 جاري منصوبن جي لاءِ 13 ارب 10 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. جاري ڪيل سرڪاري شعب?? جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) موجب نئين منصوبن جي لاءِ 2 ارب 59 ڪروڙ 66 لک رپين کان وڌيڪ جا فنڊز رکيا ويا آهن. ان ۾ اسلام آباد ۾ بوڪرا واري جڳهه تي طبي م??ڪز قائم ڪرڻ جي لاءِ 20 ڪروڙ رپيا، ليبارٽر?? جي قيام جي لاءِ 30 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. وفاقي گادي واري شهر ۾ يونيورسل هيلٿ ڪوريج کي يقيني بڻائڻ جي نيشنل هيلٿ سپورٽ منصوب?? جي لاءِ 25 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. گمبٽ سنڌ ۾ بائيوليجڪل اينڊ ڪينسر ريسرچ ۽ ٽريٽمينٽ جي لاءِ 50 ڪروڙ رپيا، هيپاٽائيش س?? جي خاتم?? جي وزيراعظم قومي پروگرام جي لاءِ 50 ڪروڙ رپيا ۽ اسلام آباد ۾ ڪينسر اسپتال قائم ڪرڻ جي لاءِ اوزارن جي خريدار?? جي لاءِ 10 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. وزيراعظم جي زيابيطس کي روڪڻ جي قومي پروگرام جي لاءِ 50 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. وزارت جي 31 جاري منصوبن جي لاءِ 10 ارب 50 ڪروڙ 33 لک رپين کان وڌيڪ جي رقم رکي وئي آهي. اسلام آباد ۾ ڪينسر اسپتال قائم ڪرڻ جي لاءِ هڪ ارب رپيا، ڳوٺاڻن علائقن ۾ صحت جي سهولت جي استحڪام ۽ اپ گريڊيشن جي لاءِ 35 ڪروڙ 69 لک، پمز ۾ نيورو سرجر?? جي شعب?? جي اپ گريڊيشن جي لاءِ 30 ڪروڙ رپيا، هيلٿ سروسز اڪيڊم?? جي بهتري لاءِ 14 ڪروڙ 58 لک رپيا رکيا ويا آهن. پمز ۾ 200 ??ست??ن تي ٻڌل حادثن واري شعبي ۽ ايمرجنسي م??ڪز قائم ڪرڻ جي لاءِ هڪ ارب 20 ڪروڙ رپيا، جي – اليون ٿري ۾ جناح اسپتال اسلام آباد قائم ڪرڻ جي لاءِ 2 ارب 20 ڪروڙ رپيا جڏهن ته اسلام آباد ج?? قومي هيلٿ انشورنس پروگرام جي ٻئي م??حلي ۾ صحت سهولت پروگرام جي لاءِ 2 ارب 29 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي رقم رکي وئي آهي.