اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اس??گلنگ جي روڪٿام ۽ 15 جولاءِ تائين تماڪو ڪارخانن ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم هڻڻ جي هدايت ??ندي چيو آهي ته ڪنهن کي به ملڪي خزاني کي نقصان پهچائڻ نه ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ٽوبيڪو ڪمپني جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، وزيراعظم جو صل??حڪ??ر احد خان چيما، ايف بي آر چيئرمين ?? لاڳاپيل اعليٰ عملدار موجود هئا. وزيراعظم ملڪ ۾ سگريٽ ۽ تماڪو مصنوعات جي غيرقانوني وڪري جي خلاف هنگامي بنيادن تي قدمن جي هدايت ??ندي چيو ته اس??گلنگ ۽ ٽيڪس چوري ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف فوري ڪارروائي ڪئي و??ي. ??زيراعظم 15 جولاءِ تائين سگريٽ جي سمورن ڪارخانن ۾ ٽيڪس چوري جي روڪٿام لاءِ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم هڻڻ کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ??ئي. وزيراعظم ايف بي آر چيئرمين کي هدايت ??ئي ته تماڪو جي غيرقانوني وڪري جي مڪمل روڪٿام ڪئي و??ي. ??زيراعظم چيو ته اس??گلنگ ۽ ٽيڪس چوري وارا سگريٽ وڪرو ڪندڙن جي خلاف سخت ايڪشن کنيو و??ي. ??ن چيو ته ڪنهن کي به ملڪي خزاني کي نقصان پهچائڻ نه ڏينداسين.