اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) حڪومت قومي صنعتي لاڳاپا ڪميشن (اين آءِ آر سي) جي 8 ميمبرن جي مقرري ڪري ڇڏي جنهن جو اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت وفاق?? ڪا??ين?? جي منظوري جي روشني ۾ باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. اطلاعات واري وزارت پ??را?? جاري نوٽيفڪيشن موجب 8 شخصيتن جي اين آءِ آر سي جي ميمبرن طور مقرري ڪئي وئي آهي انهن ۾ رٽائرڊ سول سرونٽ سيد نورالحسنين، رٽائرڊ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججن عبدالقيوم، سهيل اڪرم، محمد زبير خان ۽ شبير حسين اعواڻ کي ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي. وڪيلن مان محمد سراج الاسلام خان، عبدالغني ۽ منور حسين طوري پن اين آءِ آر سي جي مقرر ٿيندڙ ميمبرن ۾ شامل آهن. ڪا??ين?? اطلاعات واري وزارت جي سمري تي انهن خالي جاين تي مقررين جي منظوري ڏني هئي. ياد رهي ته اهي عهدا 9 مهينن کان خالي هئا. صنعتي تڪرارن جي حل لاءِ ڪميشن قائم ڪئي وڃي ٿي، اها ڪميشن پورهيتن جي ان??من?? جي پڻ رجسٽريشن ڪري ٿي. مزدورن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي حالتن جي بهتري لاءِ قائم اين آءِ آر سي اطلاعات واري وزارت جو ذيلي ادارو آهي. اها اين آءِ آر سي انڊسٽريل ريليشنز ڪميشن (آئي آر اي) جي سيڪشن 53 تحت قائم ڪئي وڃي ٿي. مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جو اهو مزدورن ۽ پورهيتن جي لاءِ هڪ تحفو آهي.