اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عورتن جي ترقي ۽ حقن جي لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي ضرورت تي زو?? ڏيندي چيو آهي ته عورتن کي معاشي طور تي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ انهن کي ڪاروبار ۾ هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻا پوندا، پاڪستان جي 50 سيڪڙو آبادي کي پيداواري افرادي قوت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ عورتن جي مالي شموليت لازمي آهي، عورتن کي ??نفارميشن ٽيڪنالاجي جي ذريعي پنهنجي ڪاروبار جي شروعات ۾ مدد ڪرڻ انهن کي ??ااختيار بڻائڻ جو تيز ترين رستو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ آءِ ٽي اسٽارٽ اپس بابت ”بزنيٽ 2023ع“ جي عنوان سان منعقد تقريب کي ??طاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته عورتن ۽ خصوصي ماڻهن سميت ٻين گهٽ نمائندگي وارن گروهن کي مالي طور تي بااختيار بڻائڻ ملڪ جي ترقي جي لاءِ اهم آهي. صدر تنظيمن ۽ ڪمپنين جي سطح تي صنفي برابري تي زو?? ڏيندي چيو ته اهي مرڪزي ڌارا ۽ قائداڻي ڪردارن ۾ پنهنجي نمائندگي ک?? يقيني بڻائين، ڊيجيٽل دور ۾ ٽيڪنالاجي ڪنهن به ڪاروبار جي پيداواري صلاحيت ۽ ڪارڪردگي کي وڌائي سگهي ٿي. هن چيو ته آءِ ٽي سان لاڳاپيل اسٽارٽ اپس ۾ عورتن جي شموليت سان انهن کي پنهنجي گهرن مان روزگار ڪمائڻ ۾ به مدد ملي سگهي ٿي. هن زو?? ڏنو ته عورتن کي پنهنجي مالي معاملن تي اختيار رکڻ جي لاءِ بئنڪ اڪائونٽ هولڊر بڻجڻ جي ترغيب ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي نشاندهي ڪئي ته اسلام عورتن جي لاءِ جيڪي حق بيان ڪيا آهن انهن جي باوجود ثقافت ۽ هراسان ڪرڻ انهن جي آزادي ۾ ٻه اهم رڪاوٽون آهن. هن چيو ته معاشري جي لاءِ اهو ضروري آهي ته اهي عورتن جي لاءِ موقعا پيدا ڪري ۽ انهن جي لاءِ هراسمينٽ کان پاڪ ثقافت ک?? يقيني بڻائي انهن جي لاءِ مثبت انداز اختيار ڪن. صد?? ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته ميڊيڪل ڪاليجن مان فارغ ٿيندڙ عورتن مان 50 سيڪڙو شادي کانپوءِ پنهنجو ڪيريئر ڇڏي ڏين ٿيون جيڪو هڪ باصلاحيت افرادي قوت جو وڏو نقصان آهي. هن والدين، مڙسن ۽ عورت ڊاڪٽرن کي مشورو ڏنو ته اهي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ??ستعمال ۾ آڻڻ ۾ ليڊر ڊاڪٽرن جي حوصلا افزائي ڪن. هن چيو ته مذهب ۽ ملڪي قانون ٻئي عورتن جي وراثت جي حق جي حمايت ڪن ٿا جڏهن ته معاشري جون برائيون اڪثر معاملن ۾ ان ۾ رڪاوٽ آهن. صد?? ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران عورتن کي ڪاروباري قرضن جي آڇ ڪئي وئي جڏهن ته ان مان رڳو 5 سيڪڙو ان مان فائدو کنيو. هن چيو ته عورت پارليامينٽرينز ۽ ٻين ناليوارين عورتن تي اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي صنفي برابري ک?? يقيني بڻائڻ جي لاءِ پيغام کي موثر طريقي سان پهچائين. هن چيو ته اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي پڻ معيشت جي مختلف شعبن ۾ عورتن جي ڪردار کي ??ڳتي وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. جرمني جي فريڊرڪ نومن فائونڊيشن جي ڪنٽري هيڊ برجٽ لام ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته سندس تنظيم پاڪستان ۾ عورتن سميت ماڻهن کي ڪاروباري سرگرمين کي ??اوقار طريقي سان شامل ڪرڻ ۾ انهن جي مدد ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ”ٽرانسفارمنگ حب“ جي سي اي او ۽ وومين بزنس نيٽ ورڪ جي باني افتخار حسين چيو ته بزنيٽ جو مقصد وڏي ڪاروباري ادارن، مالياتي ادارن، پاليسي سازن ۽ ڪامياب اسٽارٽ اپس کي هڪ ئي ڇت جي هيٺ آڻڻ آهي ته جيئن معيشت جي تيز رفتار ترقي جي لاءِ انتهائي ضروري تعاون کي ??روع ڪري سگهجي. انٽر لوپ اسٽارٽ اپ جي چيف سسٽين ايبلٽي آفيسر فريال صادق ڪاروبار ۾ برابري ک?? يقيني بڻائڻ جي لاءِ عورتن کي فني مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ کنيل قدمن کي ??جاگر ڪيو. ان کان اڳ صدر مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙن ۾ شيلڊز ورهايون.