اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هواوي جي ع??لمي آءِ سي ٽي جي مقابلي ۾ پهريون انعام ماڻيندڙ ٿرپارڪر سان تعلق رکندڙ ڀاڳچند ميگهواڙ کي مبارڪباد ڏني آهي.صدر هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته ڀاڳچند ميگهواڙ پاڪستاني نوجوانن ج?? لاءِ هڪ مثال آهي، هو منهنجي ان راءِ جي توثيق ڪري ٿو ته آءِ ٽي پاڪستان ج?? سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي تيز ت??ين آسان ترين ۽ مختصر ترين رستو آهي. هن چيو ته ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستاني نوجوانن کي جيڪڏهن موقعو ۽ رهنمائي ڏني وڃي ته هو ڪمال ڪري سگهن ٿا. صدر چيو ته اسان کي آءِ ٽي ۽ پنهنجي نوجوانن ج?? فڪري ترقي تي وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي. شاباش ڀاڳچند ميگهواڙ!