اسلام آباد – 08 – مارچ (ا?? پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عورتن جو عالمي ڏهاڙو رڳو عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ فروغ جي تجديد عزم جو ئي نه پر هڪ گهر کي خاندان، معاشري کي ماءُ، ڀيڻ، ڌيءَ ۽ زال جهڙن رشتن سان م??ذب سماج بڻائيندڙ عورتن جي قربانين، ??دم??ن ۽ وفائن جي اعتراف جو پڻ ڏينهن آهي. عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن عورتن کي سلام پيش ڪندي چيو ته هر گهر ۾ ٻارڙين سان برابر سلوڪ سان ئي ترقي ٿيندي. عورتن جي عالمي ڏينهن تي انهن والدين، استادن کي پڻ سلام جيڪي پنهنجي ڌيئرن ۾ فرق نه ٿا ڪن ۽ انهن جي زندگين ۾ اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڪن ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هڪ ٻارڙي جي تعليم جو مطلب نسلن جي ترقي ??هي?? هڪ صحتمند بااعتماد ڌيءَ سان ئي هڪ صحتمند بااعتماد ۽ باوقار قوم وجود ۾ اچي ٿي.