اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سبي ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري جي ا??لڪ??رن جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم خودڪش ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي ۽ شهيد ا??لڪ??رن جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم زخمين کي ب??تر??ن طبي سهولتن جي فراهمي جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردي ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي ڪڌي ايجنڊا جو حصو آهي. پاڪ زمين کي دهشتگردي جي لعنت کان پاڪ ڪنداسين. شهيدن جي ق??با??ين کي سلام پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ پونئ??رن کي صبر ڏي. وزيراعظم زخمين جي جلد صحتيابي جي به دعا ڪئي.